سيڪريٽري مڪاني چونڊ بابت عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي  ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مڪاني کاتي جو سيڪريٽري نجم شاهد پيش نه ٿيو، اسپيشل سيڪريٽري عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، عدالت سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.