عمران خان کي عوام ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ ڍر ڏنل

لاهور (عوامي آواز نيوز)  عمران خان جي خطرناڪ بيانن مان  نظر اهو ٿو اچي ته ادارن کيس بي نقاب ڪرڻ لاءِ ڍر ڏني آهي. بلڪل ائين  جيئن الطاف حسين کي ڍر ڏني وئي ۽  پوءِ  هڪ ئي تقرير  سان سندس سياست  جو باب  بند ٿي ويو. نامياري صحافي امداد سومري  پنهنجي تجزيا تي وي لاگ ۾ چيو آهي ته رياستي ادارن کي عمران خان جي طاقت جو بخوبي اندازو آهي. جنهن  جو عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد ۾ مظاهرو به ڪري چڪو آهي ان هوندي به اتحادي حڪومت ۽ ادارن  شايد شعوري طور عمران خان کي  عوام آڏو  وائکو ڪرڻ لاءِ ڍر ڏني وئي آهي، آخر ۾ جڏهن عمران ۾ هٿ وڌو ويندو ته سندس حشر به الطاف حسين کان مختلف نه هوندو ڇو ته عمران خان به عملي طور اهائي روش اختيار ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.