رپڙي(ن ع آ ) رپڙي ۾ ڳوٺاڻي تي مبينا سرن سان حملو جنھن ۾ محمد ادريس پنھور پنھنجي 2 سالا ڌيءُ تنجينا سميت زخمي ٿي پيو آھي جنھن ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته مان رستي سان وڃي رھيو ھئس اچانڪ مونتي ٽي ڄڻا رياض پنھور، نبي بخش پنھور ۽ امير پنھور سرن سان مبينا حملو ڪري ڏنو آھي جنھن سبب مان ۽ منھنجي ڌيءَ سخت زخمي ٿي پياسين جنھن جي مان بھارو ٿاڻي تي پنجن ڄڻن حضوربخش پنھور، نبي بخش پنھور، رياض پنھور، گلزار پنھور ۽ امير پنھور تي اين سي داخل ڪرائي آھي، منھنجي ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آھي ته مون تي ٿيل حملي جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي.