موجوده مهانگائي جو طوفان آندو آهي: پي ٽي آءِ اڳواڻ مستنصر بلا

حيدرآباد(رپورٽر) تحريڪ انصاف حيدرآباد ڊويزن جي سينئير نائب صدر مستنصر بلا ڪالهه پي ٽي آئي ڪارڪنن سان  گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ مهانگائي جون دانهون ڪندڙ پاڻ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، اٽو، گيهه، کائڻ جو تيل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون عام ماڻهن جي قوت خريد مان نڪري چڪيون آهن. هن چيو ته عمران خان ماضي جي حڪومتن جي پيدا ڪيل مسئلن مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آمريڪا جي اشاري تي پي ٽي آئي جي حڪومت کي ختم ڪري ساڳي ڪرپٽ ماڻهن کي ملڪ تي مسلط ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن تحريڪ انصاف ٻيهر ملڪ جون واڳيون سڀاليندي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.