اوٻاوڙو لڳ اغوا ٿيل نوجوان آزاد، مقابلي جي دعويٰ

اوٻاوڙو  ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل نوجوان مير حسن ملڪ کنڀڙا پوليس مقابلي کانپوءِ بازياب ڪرائڻ  جي دعوا ڪئي آهي ان ڏس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر خان مغل جي ترجمان موجب ايس ايڇ او کنڀڙا شفيع محمد گولو پنهنجي نفري سان گڏ معمول موجب گشت تي هيو ۽ ان کي خفيه اطلاع ملي ته ڌاڙيل مغوي کي وٺي وڃي رهيا آهن ۽ ايس ايڇ او کنڀڙا ڦوري طور واقعي واري هنڌ پهتو ته ڌاڙيلن پوليس کي ايندو ڏسي فائرنگ ڪئي ۽ پوليس به جوابي فائرنگ ڪري ڏني جنهن بعد ڌاڙيل گهيرو تنگ ڏسي مغوي کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا ۽ جڏهن ته ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ هوڏانهن ايس ايڇ او کنڀڙا مغوي کي ٿاڻي تي وٺي آئي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ڇڏيو ۽ مغوي جي بازيابي کانپوءِ وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.