ڪڪڙ ۾مبينا آپگھات ڪندڙ ناري جي قبرڪشائي، جزا ورتا ويا

ڪڪڙ (ن ع آ)خانپور جوڻيجو ۾  مبينا آپگھات ڪندڙ نوجوان شادي شدہ ناري نرما شاھي جي قبر ڪشائي ڪرائي وئي سندس جو پوسٽ مارٽم بعد  جزا ورتا ويا  مقتول ناري جي ڀاء جاويد شاھي جي درخواست تي   سيڪنڊ سول جج ڪي اين شاھ ، محمد رمضان گوپانگ جي نگراني ۾ ڀيڻ  نرما  جي قبر ڪشائي پرياڻي قبرستان خانپور  ۾  ڪرائي وئي پوسٽ مارٽم بعد  سندن جزا ورتا ويا قبر ڪشائي دوران لمپس ڄامشورو ۽ حيدرآباد ڊاڪٽر بورڊ جي ٽيم موجود ھئي  وومين ميڊيڪل آفيسر ڪي اين شاه جي صنم شاه پاران مقتول  ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس جزا ورتا ويا قبر ڪشائي دوران ڊاڪٽر سيد قربان علي شاه ڊاڪٽر وحيد علي ناھيون ڊاڪٽر محمد علي قريشي ڊاڪٽر عبدالعزيز شيخ  شامل ھئا ڏيڊ مھينو اڳ ناري نرما زال فھد متاڻي  مبينا طور آپگھات ڪيو ويو ھيو جتي ناري وارثن پاران مڙس فھد متاڻي  سھري محمد خان  ڀيڻ مٿان قتل جو الزام ھنيو جن گڏجي نرما شاھي کي سندس مڙس فھد متاڻي ۽ سھرو محمد خان ۽ سندس ڀيڻ گڏجي قتل ڪيو ويو ھيو جنھن جو سيشن جج دادو واقعي جو نوٽيس بعد سندن مٿان ڪڪڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو مقتول ناري ڏيڊ سال اڳ نوجوان فھد متاڻي سان پسند جو پرڻو ڪيو جنھن مان سندس پٽ جو اولاد آھي ڏيڊ مھينو اڳ ناري نرما زال فھد متاڻي پاران گھر جي ڪمري اندر مبينا طور آپگھات ڪيو ويو ھيو ڊاڪٽر بورڊ ٽيم جو چوڻ آھي ت اسين مقتول  ناري نرما جي ڀاء جاويد شاھي جي ڏنل درخواست بعد اسين قبر ڪشائي ڪئي  پوسٽ مارٽم ڪرڻ دوران سندس جا جزار ورتا آھن ھفتي اندر پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچي ويندي باقي جزا روھڙي ڏانھن موڪليا ويندا رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ت ناري نرما جو موت آپگھات ٿيو آھي يا قتل ٿيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.