لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، موٽرسائيڪلون ۽ سولر پليٽون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ باقراڻي پوليس سرگرم جوابدار ارسلان جتوئي کي پسٽل ۽ گولين سميت، فتح پور پوليس رانجهن بٽ قتل ڪيس ۾  ملوث ٻن جوابدارن جوابدارڻ مسمات (ص) ۽ جوابدار نعيم بٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي رتوديرو پوليس طرفان امتياز علي ڪنگو، شاهنواز، ساجد، اياز علي ۽ امداد علي جلباڻي جون چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ پليٽون جڏهن ته بقاپور پوليس شهري وقار احمد سولنگي کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.