لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار، 10 زخمي، اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن وڌيڪ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 7 سالن جي نور بيبي، 5 سالن جي ذليخان، غزالا، 25 سالن جي مريم، 50 سالن جو صفدر، 60 سالن جو پيارو خان ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي پر انتظاميه طرفان ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي جنهن ڪري شهرين ۾ بيچيني واري لهر ڇانئجي وئي جن ضلعي انتظاميه کان ڪتا مار مهم هلائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.