لاڙڪاڻي ۾ شاگردياڻي تي تشدد ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد چار ڏينهن اڳ مبينا اغوا بعد بازياب ٿيل شاگردياڻي معظمه لغاري واري ڪيس ۾  نامزد نشتر روڊ واري علائقي واسي ٻن جوابدار ڀائرن مصور علي ۽ مزمل علي جوڻيجو کي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پنجين سول جج ۽ جديشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کين پنجن ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ ۽ سندن جو ميڊيڪل چڪاس جو حڪم ڏنو بعد ۾ مارڪيٽ پوليس کين ميڊيڪل چڪاس لاءِ چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن طرفان ٻنهي جوابدارن جي رت جا جزا ورتا ورتا ويا. ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي جوابدار رمانڊ تي هئا جنهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي کين پنجين جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کين پنج ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوءِ سندن جو ميڊيڪل چڪاس ڪرايو ويو آهي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي شاگردياڻي معظمه جي پيءُ ملازم لغاري ٻڌايو ته جوابدارن منهنجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ بعد کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي جنهن ڪري سندس هٿن ۽ ٻانهن تي تشدد جا نشان هئا، ڊي آءِ جي انصاف ڏياري، ٻئي پاسي  ميڊيڪل چڪاس بعد ٻنهي جوابدارن کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.