جيڪب آباد لڳ گهرن تي ڪاهه، فائرنگ، مهمان مارجي ويو، لاش رکي ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم علي پنهور تي جکراڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري انڌاڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ علي گوهر پنهور گولي لڳڻ سبب ڀاڻيجن ڏانهن گهمڻ آيل علي گوهر پنهور مارجي ويو هو جنهن جو لاش ڊاڪٽرن پاران مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هو جيڪي لاش ايمبولينس ذريعي سندس گهر کڻائي پهتا لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هر طرف روڄ ۽ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته صبح جو سوير پنهور برادري جي ماڻهن پاران مير شجاءُ الله خان پنهور ۽ مير چنگيز خان پنهور جي اڳواڻي ۾ پير ميهر شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي لاش رکي ٽينٽ هڻي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترائي ڪلاڪ معطل رهي، ڌرڻي ۾ پنهور برادري جا سوين ماڻهون شريڪ ٿيا جيڪي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي مير شجاءُ الله خان پنهور صحافين کي ٻڌايو ته جکراڻي برادري جي هٿياربندن بغير ڪنهن جواز جي علي گوهر پنهور کي قتل ڪيو آهي جيڪا زيادتي آهي، هن چيو ته جکراڻي برادري جي هٿياربند مسلسل ڌمڪيون ڏيندا رهيا جنهن تي آءُ ايس ايس پي جيڪب آباد کي شڪايت به ڪئي مقتول جي وارثن محمد فريد، جکراڻي برادري جي مختلف پاڙن جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ علي گوهر پنهور گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، هنن چيو ته 9 مهينا اڳ جکراڻي برادري جي ماڻهن اسان جي همراهه کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو ۽ بعد ۾ هو مسلسل اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.