جوهي ۾ ڳوٺاڻن جو اسڪول مان چوري خلاف ڌرڻو

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي لڳ ڳوٺ شھمير گاڏھي جي پرائمري اسڪول مان رات دير سان نا معلوم چورن اسڪول جا تالا ٽوڙي 4 سولر پليٽون 3  پکا هڪ واٽر ڪولر ۽ ٻيو سامان ٻھاري ويا سامان جي واپسي ۽ بد امني خلاف ڳوٺ شھمير گاڏھي جي  استادن شاگردن والدينن استاد علي مراد گاڏھي  غلام عباس ,دين محمد مظفر خالد گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسڪول اڳيان نٽھڻ اس تي ڌرڻو هنيو جتي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته اسان جي ڳوٺ مان ٻه دفعه اڳ به ساڳئي اسڪول مان سامان  چوري ٿي ويو هنن وڌيڪ الزام هنيو ته ڪافي وقت کان اسڪول ۾ چوڪيدار مقرر نه هجڻ ڪري اسڪول کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته معصوم ٻارڙا هن قيامت خيز گرمي ۾ سولر جي سهولت نه هئڻ ڪري مايوس رهجي وياآھن آخر ۾ ھنن ڊي او دادو ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي جوهي ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چوڪيدار مقرر ڪري چوري ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري شاگردن ڳوٺاڻن والدينن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.