ماٿيلي ۾ بدامني، آڪڙا پرچي، سوشل ورڪر کي ڌمڪين خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو  ( ن ع آ ) ميرپورماٿيلو ۾ وڌندڙ بدامني، بڪي مافيا، آڪڙا پرچي ۽ سوشل ورڪر وقار بوزدار کي ملندڙ ڌمڪين خلاف ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، صحافي خورشيد سيال، اياز کهاوڙ، قاسم ڪلوڙ، امين سومرو، جئي سنڌ محاذ اڳواڻ ڪمال مهر، هومن رائيٽس ضلعي گهوٽڪي اڳواڻ نعمت ڪولاچي، اياز سومرو۔جسقم اڳواڻ حنيف سومرو، فراز ڪورائي، علي حسن چڍڙ سميت ٻين ڳالهائيندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي سميت ميرپورماٿيلو ۾ بڪي مافيا آڪڙ پرچي سرعام ھلي رھيون آھن، جنهن ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رهي آهي ايس ايس پي گهوٽڪي بڪي مافيا، آڪڙا پرچي جو ڪاروبار ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ميرپورماٿيلو جي آفيس ٻاهريان احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.