ڪنڌڪوٽ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه، ٻن گهرن کي نقصان

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جي ڊگري ڪاليج واري علائقي ۾ شارٽ سرڪٽ سبب خالق شيخ ۽ عطو شيخ جي گهرن کي باهه لڳي  وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو.ان سلسلي ۾ خالق شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ بعد فورن فائر برگيڊ عملي کي آگاهه ڪيو پر اهي وقت سر نه پهتا، جنهن سبب گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سڙي ويو. متاثرن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.