شرجيل انعام ميمڻ صاحب وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ سنڌ، هڪ نماڻي دانهن

حميده گهانگهرو

 

 

جڏهن هڪ تڪليفده منظر ڏسڻ ۾ آيو ميڊيا سان تعلق رکندڙ هڪ صحافڻ عمر جي انهي حصي ۾ پهتي آهي جنهن کي قانوني طور رٽائرڊ جي کاتي ۾ سمجهو وڃي ٿو پر سماج انهن ماڻهن کي ڪڏهن رٽائرڊ ناهي ٿيڻ ڏيندو جن لاءِ شاهه ڀٽائي چيو آهي ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ ان صحافڻ جڏهن پنهنجي پرس ۾ ڪجهه پئسن جي تلاش ڪئي ته کيس قلم، ڪاغذ ۽ ڪارڊ کانسواءِ ننڍڙي پرس جنهن ۾ پئسن سانڍڻ وارو خانو خالي مليو. هن کي پٽ جي لاءِ دوائون گھرائڻيون هيون پر پرس ۾ چند ڏهن رپين جي نوٽن کانسواءِ ڪجهه نه هيو ۽ کيس منٽن ۾ فيصلو ڪرڻ هو ته دوا گھرائي يا ماني آخر ڀرسان بيٺل ٻي صحافي دوست پنجاهه رپيا ڏيندي چيو ماني ۽ دوا ٻئي گھرايو. انهي ڪري چوندا آهن ته پورهيت ڪڏهن به پوڙهو ناهي ٿيندو ۽ خاص طور جنهن جي هٿن ۾ قلم کنيل هجي ۽ هو پورهيت هٿن جي محنت مان ڪڏهن به رٽائر ناهن ٿيندا. سندس جيسين محنت ڪش وجود زندهه آهي. بلڪل اهڙي طرح قلم ڌڻي، دانشور، اديب، قلم سان ڪيل پورهئي مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو. ان جا ٻه سبب هڪ ته سندس قلم ذريعي شعور جي ترجماني ٻيو سندس قلم ذريعي پورهيت جو احساس. هت نشاندهي صرف ان پورهيت قلمڪار جي آهي جيڪو شعور ۽ ضرورت کي کڻي اهڙي اداري ۾ اچي ٿو جنهن کي اطلاعات جو ادارو سڏڻ نهايت اهميت وارو هجي. سماج، انسانن، احساسن، جذبن، حالتن، ڏکن، سکن جو سنگم هڪ صحافي جي قلم ۾ سمايل هجڻ توڻي جو کڻي کيس تمام گھڻيون ڌمڪيون ملڻ ۽ ڪيترن صحافين جا بي دردي سان قتل ٿيا آهن پر ڪڏهن هو عوام جي جذبن کي اتساهه ڏيندڙ ادارا توڻي ڇپائي جا هجن يا اليڪٽرانڪ.

اڄ جي جديد دور ۾ عوام لاءِ ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن. اڳ جڏهن ٽپالي خط کڻي در کڙڪائيندو هو ته سڄي گھر جا ڀاتي ڇرڪ ڀري ٽپالي جي ڏنل خط کي کولي هجوم ڪري ڏسندا هئا ڇاڪاڻ جو حال احوال جو اهو ئي بهترين ذريعو هو. اک جو ڇنڀجڻ، هڏڪي اچڻ، ڪانو جو ڀت تي لهڻ مطلب انسانن پاڻ کي آٿت ڏيڻ جو نفسياتي ذريعو اختيار ڪندا هئا پر جيئن جيئن انسان ترقي ڪئي تيئن تيئن محدود وسيلا غيرمحدود ٿي پوري دنيا کي سوڙهو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا. اڄ ميڊيا، سوشل ميڊيا ڏسندڙ اکين ۽ ٻڌندڙ ڪنن جو وڏو سهارو آهن. حضرت علي جو قول آهي جيڪو اکين سان ڏسو سچ آهي جيڪو ڪنن سان ٻڌو انهي تي سوچو ۽ انهن ٻنهي ذريعن ۾ صرف چئن آڱرين جو فرق آهي. حضرت علي انهي دور جي سمجهاڻي لاءِ اها نصيحت ڪئي پر هن وقت مواصلاتي ادارا ڏسڻ، ٻڌڻ، سکڻ، سمجهڻ جي ذميداري نڀائين ٿا. انهن ڪري وزير اطلاعات جي جديد دور جي وقتائتي اهم ذميداري سمجهي وڃي ٿي پر اهو ان وقت صحمند ادارو سمجهيو ويندو جڏهن اداري ۾ ڪم ڪندڙن جي بنيادي حقن ۽ ضرورتن جو خيال رکيو وڃي ۽ جيڪڏهن اداري ۾ ڪم ڪندڙن جي حالت معاشي بحران ڪري اسپتال جي او پي ڊي ۾ ويٺلن جي جهڙي هجي ته اتي قلم جي طاقت ته ڪڏهن به نه مرجهائيندي پر قلمڪار جي آڱرين تي مفلسي جا اثر نظر ايندا. هو پوئتي به نٿو مڙي سگھي ۽ اڳتي وڌڻ جي سگهه به ڪيترن سوالن جي ديوار ۾ کيس لڪايو بيٺي آهي. سنڌ جا وزير اطلاعات صاحب ضرور توهان جڏهن جيءَ ۾ جهاتي پائيندا ته ڪيترا عالم، اديب، ڏاها سنڌ جي عزت، مان رکندڙ تاريخساز شخصيتن جا هٿ ڪڏهن توهان جي ترقي ۽ صحت جي دعا لاءِ کڄيا هوندا. سنڌ جو عوام توهان کي انهن دعائن جي دائري ۾ بيٺل اهم ذميداري تي ڏسي ٿو. صحافت جي ڪا به رٽائرمينٽ ۽ پينشن ناهي بس قلم جا ڳوڙها ٽپڪندا ته سندس گھر جو چلهو ٻرندو.

اڄ تمام صحافي برادري پنهنجي اداري جي ڏيوالپڻي ۽ توهان جي اداري جي بي ڌياني سبب ڏکيائين جو شڪار آهي. پوري دنيا ۾ صحافين کي صحتمند ماحول ان ڪري ڏنو ويندو آهي ته هو سماج، حڪومتن، ملڪن وچ ۾ ٺهيل پل تي ٻيٺل سفير هوندا آهن. اڄ اطلاعات کاتي پاران ادارن جي مالڪن کي اشتهارن جو معاوضو نه ملڻ ڪري ڪيترن پورهيتن صحافين جي گھرن جا چلها اجهامڻ لڳا آهن. جڏهن ته قومن جا مقدر قومي جذبن ۽ حقن جا انصاف سان ٺهندا آهن پر اهي قومون مسئلن جو شڪار ٿيندي زوال ڏانهن وينديون. انهي ڪري ڌرتي ڌڻين سان انصاف ڪري امڪاني زوال کان بچايو وڃي. جيئن هاري زمين کيڙي پورهيو ڪري ٿو، مزدور محنت ڪري اداري ۾ جديد شيون ٺاهي ٿو ائين ميڊيائي ادارن ۾ صحافين جي ساک سان قلم کان آڱريون ڌار نٿيون ٿين ۽ هر اداري جي محنت ڪش جي نظر سندس مالڪ ڏانهن هوندي آهي. ڪجهه عرصي کان ميڊيائي ادارا جيڪي ايمانداري جي بنياد تي هلن اتي مالڪن جي حالت سان گڏوگڏ اداري جي ورڪرن جي حالت انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. ڏکين حالتن ۾ سندن ساٿ چولي دامن جهڙو چئي سگھجي ٿو پر ڇا جڏهن به پنهنجي صوبي جا رهنما اهم ذميداريون سنڀالين ٿا ته انهن جي ذميدارين کي عوام اميد جي نگاهه سان نه ڏسي؟! انهي ڪري وزير اطلاعات کي نماڻي گذارش آهي ته پنهنجي صوبي جي ميڊيائي ادارن ۾ ويٺل قلمڪار پورهيتن جي پرگهور لهي سندن ويڳاڻپ واري احساس کي ختم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.