حڪومت ۽ عوام جي اوليت

رياض ابڙو 

حڪومت جي ته اوليت عوام ناهي پر عوام جي ترجيح به ڪنهن نظريي يا انقلابي سوچ جي پٺيان هلڻ واري ناهي، پر اهو آهي ته جيڪو ڪرسي تي ويٺو آ اهو لهي پوءِ ٻيو جيڪو به اچي يا ڦري گهري جيڪو به وارو وٺي پر اهو لهي هليو وڃي جيڪو هاڻي حڪومت ٿو ڪري، ته پوءِ آخر اچي ڪير يا ٽِڪي حڪومت ڪير ڪري؟ (خاص طور تي اسان جهڙا ايشيائي بيمار معيشت وارا ملڪ يا جيڪي ڀلي ايشين ٽائيگر به هجن) يا اسان وٽ عام ماڻهو ته سياسي ۽ شخصي سحر ۾ مبتلا رهندا آيا آهن يا رهندا ايندا ان ڪري ته اسان وٽ سياست عقيدت کان به چڙهي وئي آ (مذهبي جنونن جا مثال هتي نه ٿا وٺون) پر ماڻهو ته کوکلن نعرن جي پٺيان به هلي ٿا پون، پوءِ جيڪو ٿيو عوام کي پرواھ ناهي، ان ڪري جو اسان وٽ ايوان ۽ اسيمبليون آکاڙا هجن ٿا ۽ عوام جي لاءِ روڊ ناچ گانن جا ميدان ۽ اڳواڻن جي لاءِ اهي ڄنڊا پٽ ۽ گوءِ جا ميدان،

ٻيو ته اسان وٽ سياست ته ٽڪو به نه لهي، ان ڪري ته سياستدان جيڪڏهن ڪنهن نظريي جي پٺيان عوام کي هلائن ته ڪا ڳالهه سمجهھ ۾ به اچي، يا ڪو مائوزي تونگ وارو يا شايانگ پيانگ وارو صنعتي انقلاب آڻين ته ڳالهه سمجهھ ۾ اچي، يا هوچي منھ لهي جي نظريي جي ڳالهه ڪن يا لينن جا نظريا وري موٽي اچن، يا ڳالهه ڪنهن اهڙي انقلابن کان به مٿي هجي،

هاڻي هي به ڪا ڳالهه ته ڪرسي جي لاءِ ڪيل لانگ مارچ کي جهاد جو نالو ڏجي ان ڪري ڳالهه ٺهي نه ٿي، ڇو ته ”هي عوام نانگن جو کاڌل آ ان ڪري هاڻي ته نوڙي کان به ڊڄي ٿو“ يا اهو آهي ته رياست ڪو ريفرينڊم ڪرائي پاڻ سوشلسٽ رياست بڻجي وڃي يا سڀاڻي ڪا ڪميونسٽ رياست ٿي پئي، ان ڪري پوءِ عوام اهڙا انقلابي نعرا هڻي ڀلي ڪاهي پئي، پر ڪجهھ آهي ئي ڪو نه ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ان ڪري ته ويڙھ رڳو ڪرسين جي آ ته عوام جو مغز جاءِ تي ناهي ته اڳواڻ به مٿي ڦريل، يا اهي مدي خارج اڳواڻ به ڪنهن اصلاح ۽ انقلاب جي ڳالهه ڪن ته ڪا ڳالهه سمجهھ ۾ به اچي، يا پي ٽي آءِ جي اڳوڻي سرڪار پاڻ پنهنجي سر اهو قانون پاس ڪري وئي هئي ته ”جهاد رڳو رياست ڪري يا ڪرائي سگهي ٿي باقي رياست جي خلاف، ڪنهن به مذهبي ٽولي جي خلاف، ڪنهن به نفرت جي پٺيان ڪو ڀيانڪ جهاد جنهن ۾ ماڻهن جي مارڻ ۽ مرڻ کان علاوه ڪا ڳالهه نه هجي يا خونريزي ڪرائجي ته نه ٿو ڪري سگهجي يا اها بغاوت ۽ سول نافرماني هوندي“.

پر ڳالهه اها به آهي ته ”انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين“ هي سرڪار اچي يا سڀاڻي پي پي اچي يا وري ڪرسي جي واري ۾ کڻي ٻئي ڀيري پي ٽي آءِ به اچي، پر ڪرڻو ته اهو اٿن جيڪا هي سرڪار ٿي ڪري، معني مهانگائي هنن کي به ڪرڻي آ ته مهانگائي اکيون ٻوٽي پي ٽي آءِ وارن به ڪئي، پي پي جي ”پُرو آمريڪن“ آهي ته سڀاڻي به آمريڪا جي اشاري تي ئي هلندا، ان ڪري ته غريب ملڪ جنهن وٽ ڪا پيداوار معني پروڊڪشن ئي ناهي، جنهن وٽ شيون ٺاهڻ جي ڪارخانا ناهن، جنهن وٽ زرعي سيڪٽر هوندي اناج ته ٿئي ٿو پر ٻارن جي کاڌ خوراڪ فرانس ۽ ڊينمارڪ مان ٿي اچي، جن وٽ لائيواسٽاڪ ته آهي پر ”گوچيءَ“ جون (زائفن واريون) پرسون ۽ انگلش بوٽ برطانيا ۽ آمريڪا جي برانڊ جا ٿا اچن، جنهن ملڪ وٽ ڪپھه ته آهي پر ”لوائيس“ جون پينٽون ته ٻاهرين ملڪن جي برانڊ جي نالي سان ٺهي ٿيون اچن، جنهن ملڪ وٽ گيس ۽ تيل جا زخيرا ته آهن پر اهي ٻاهرين ملڪن مان تيل گهرائي پنهنجي نڪتل تيل کي به ان اگھه تي کپائي غريب ماڻهن کي ٿا ڦرن، پر هڪ ڳالهه َضرور آهي ته ڀلي سڀني شين ۾ برابري نه هجي جو پيٽرول غريب کي به ان ريٽ ۾ ملندو هجي جنهن ريٽ ۾ امير کي پنهنجي V8 لينڊ ڪروزر، مرسڊيز ۽ برانڊيڊ گاڏين جي لاءِ ملندو، ۽ ٻيا عياشي جا سامان کڻي مختلف هجن، پر اهڙي ٻٽي صورتحال ۾ حڪومتن جي ترجيح عوام ناهي ۽ عوام جي ترجيح به ڀلي سرڪار يا ڀلا اڳواڻ ناهن.

ان ڪري ته نظرياتي کوٽ آ، پر اها ڳالهه ته هڪ خاص طبقو ٿو سمجهي جن وٽ اهي نظرياتي ڳالهيون رکي به سگهجن ٿيون، باقي عوام ته راڳ رنگ جي محفل مان ڄاڻن بجاءِ جو ڪنهن نظرياتي محفل ۾ ويهي ڪنهن ڏاهي جي ڳالهه ٻڌن، يا بنيادي ڳالهه اها به آهي ته ماڻهن جو ڏوھ ناهي، ان ڪري بنيادي ضرورتن ۽ معاشي بدحالي ماڻهن کي ان نور کان به ڪڍي ڇڏيو آ، اهي ته برياني جي پليٽ کي پنهنجي ووٽ جو بدل ٿا سمجهن، جو انهن غريبن جي ٽڪي جي ووٽ تي اهي امير ۽ اشرافيا ڪروڙن جون بجيٽون ڦٻائي ٿا ويهن ۽ رياست انهن کي ڪروڙين روپيا رڳو صوابديد فنڊ ٿي بخشي جو جڏهن اهي قانون ساز اسيمبلين جا مييمبر ٿا ٿين،

عوام جو محور ان ڳالهه تي قطعن ناهي ته ووٽ ڪنهن کي ڪجي، يا عوام ”شارٽ ٽرم“ ڪم ڪاريون يا مفاد پرستون ڏسي ووٽ وجهي ٿو ڇڏي، ان ڪري چونڊن دوران پراڻا مرده جيارڻ جي لاءِ سياستدان غريبن جي جهوپڙين تي به لنگهي ٿا وڃن، يا اهي پاڻي جا نلڪا، روڊ رستا، يا سرڪاري نوڪرين (خاص سنڌ صوبي جي ننڍن وڏن شهرن ۾) جا در کولي ٿا ڇڏن، ان ڪري ته ڀلي اهي سياستدان سڄو سال ڪم نه ڪن پر اها ووٽن جي گھڙي اهڙا ڪم ڪري، حڪومتي فنڊ يا پنهنجا صوابديدي فنڊ به استعمال ڪري رڳو الڪيشن ۾ پاڻ ٿا اگهائن، پوءِ اهڙن وقتي ٽرينڊس تي غريب عوام لهي ٿو پئي، يا جن اڳواڻن وٽ رڳو هڪ نظريو آ يا قابل ذهن آ، پر سندن جي کيسي ۾ ايترا پئيسا ناهن هوندا جو اهي غريبن جي ان طرح مدد ڪري سگهن جنهن ۾ روڊ، رستا، سرڪاري نوڪريون، اسڪولن جي مرمت، امدادي رقمون يا ڪنهن ٻئي طريقي اهي اڳواڻ ووٽن وٺڻ جا جتن ڪن، پر اهي سڀ ڪم ته اهڙا آهن جيڪي حڪومت ۾ اچڻ سان ئي ڪري سگهجن ٿا، پر ڳالهه اها به آهي ته اهي اميدوارا عوام جا خيرخواھ ناهن،

پر اسان وٽ ته سول سوسائٽي به ورهايل آ، مذهب ورهايل آ، سياست ورهايل آ، اڳواڻ وکريل ٽڙيل پکڙيل لڳيا پيا آهن، ملڪ ڪنهن هرڻي وانگي آ جو اندروني ۽ بيروني قوتون شڪاري جانور بڻجي يا ڪا ڳِجَھه پکي بڻجي پيا ٿا پٽنس، پر ڪو هيلو وسيلو ناهي، ڪو ڌڻي ڌوڪي ناهي، ڇو ته ڌڻي پاڻ ئي سچا ناهن يا ڪرسي جي ويڙھ ته رڳو عوام کي وڙهڻي ٿي پئي ۽ ان ويڙھ ۾ اڳواڻ ڪنهن ڪنٽينر يا ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ٿا تماشو ڏسن، ان ڪري ته اڳواڻن جي ترجيح عوامي مسئلا ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.