ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏئي محفوظ ڪيو وڃي

سنڌ دنيا جو اهڙو خطو رهيو آهي جنهن جي قدامت توڙي تهذيب جي هڪ جهوني تاريخ آهي، ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن جي پس منظر ۾ تاريخ جون قديم حقيقتون لڪيل آهي، انهيءَ تهذيب ۽ ثقافت جو سموري سنڌي سماج تي وڏو اثر آهي. ٿر ۾ڪيترين ئي ٻين تاريخي جاين ۽ ماڳن جيان ڪاورنجهر جو جبل پڻ سنڌ جو هڪ ورثو آهي، ننگر پارڪر لڳ اوچي ڳاٺ بيٺل هن پهاڙي سلسلي جي اندر ڪيترائي مقدس مقام آهن، 109 پهاڙين تي ٻڌل هڪ عظيم جبل جي اندر هڪ دنيا آباد آهي، بدقسمتي سان ڳچ وقت کان سنڌ جي ٻين وسيلن جيان هن جبل کي به ڪي ڌريون وڍي ٽڪي ناس ڪري رهيو ن آهن ۽ هڪ عرصي کان ان خلاف سموري سنڌ احتجاج به ڪندي رهي آهي پر وقت جي هر حڪومت ان احتجاج کي پٺي ڏيندي رهي آهي،وقت بوقت عوامي احتجاج توڙي سماجي اڳواڻن جي دانهن تي عدليه ئي نوٽيس وٺندي رهي آهي، هڪ ڀيرو وري ڪي سنڌ دشمن ڌريون سنڌ جي هن عظيم ورثي کي تباهه ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ويٺيون آهن.اهو سلسلو جاري ساري آهي. ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪارونجھر سنڌ جي تھذيب ۽ سياحت جو مرڪز ھئڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي جيئڻ جو واحد ذريعو آھي.  مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته  ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف مسلسل چئن سالن کان تحريڪ ھلائيندا پيا اچون پر وس واريون ڌريون ان  تي نوٽيس وٺڻ جي لاءِ تيار نه آهن. چيو ٿو وڃي ته ڊبليو ايف او وارا ڪارونجھر جو پٿر ڪٽي ٻاهر موڪلي رھيا آھن، ننگرپارڪر ۾ ٺھندڙ مختلف ڊيمن تي ڪارونجھر جو پٿر پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي،معدنيات کاتو، سنڌ سمال ڊيم کاتو ۽ ايس آر پي ڊيمن جي پابندي باوجود سڀني ڊيمن تي پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي.

مقامي ماڻهن  ڪارونجھر جي سروي ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ واري درخواست اڳ ئي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ داخل آھي. ننگرپارڪر جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران سي آر پي سي 133 تحت فيصلو به آيل آھي،  ان جي باوجود پٿر جو ٽڪجڻ بند نٿو ٿئي. ڪارونجهر جبل نه رڳو هڪ جبل آهي پر اهو ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهي، جتان ماڻهون جبلن جي نئين مان وهي ايندڙ ريتي ۽ بجري مان مامي ماڻهو پنهنجو روزگار ڪن ٿا،ان سان گڏوگڏ هن جبل ۾ سان ماڻهن سموري زندگيءَ سلهاڙيل آهي.

سنڌ ۾ سمورن وسيلن کي ناس ڪرڻ وارو لاڙو ڪافي وقت کان جاري آهي، ٻيلن ۽ وڻن کي تباه ڪيو ويو آهي،جبلن کي ٽڪي ان مان پٿر ڪڍي انهن کي کوکلو ڪيو ويو آهي،جنهن سان هن خطي جو سمورو ماحول پڻ تباهه ٿي رهيو آهي سياسي سماجي ڌرين پاران اهڙي زيادتي تي ٿيندڙ احتجاج کي سرڪار نظر انداز ڪري ٿي ڇڏي،جنهن سان اهڙي حرڪت ڪندڙ ڌرين جا حوصلا وڌندا رهن ٿا.

سنڌ جي هن پهاڙ جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهو روزانو سوا سير سون اپائي ٿو،اها کڻي هن وقت هڪ ڏند ڪٿا ئي هجي پر ان جو ضرور حقيقت سان گهرو تعلق رهيوآهي، سنڌ جي عوام جي هن جبل سان هڪ دلي وابستگي رهي آهي، جنهن ڪري ڪارونجهر سان ٿيندڙ ڪنهن به زيادتي کي ماڻهون دلي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل محسوس ڪري ٿو، سنڌ جي ڪيترن ئي ٻين نشانين مان ڪارونجهر پڻ هڪ نشاني آهي.

وقت جي حڪومت کي گهرجي ته هن اهم معاملي ڏانهن سنجيدگي وارو رويو اختيارڪندي ان جي فوري سروي ڪرائي وڃي ۽ ان کي قومي ورثو قرار ڏيندي ان جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.جيئن وقت بوقت هن جبل سان سنڌ دشمن ڌرين پاران ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ ماحول ۽ سنڌ دشمن ڌريون هن جبل کي مٽائي ڇڏينديون.

سموري دنيا ۾ جيڪي به تفريحي ماڳ يا قومي ورثي مثل هنڌ آهن انهن جي حفاظت جي  لاءِ ترجيحي بنيادن تي اپاءُ وٺي انهن کي ممڪن حد تائين محفوظ بڻايو ويندو آهي پر اسان وٽ تاحال اهڙو ڪو ماحول نه جڙي سگهيو آهي،جنهن ڪري ناياب ۽ قومي اثاثن خلاف صفا آساني سان مفاد پرست ۽ لالچي ڌريون انهن کي ختم   ڪرڻ جي ڪرت ۾ لڳل هونديون آهن ۽ انهن کي وري ڪو روڪڻ وارو به نه هوندو آهي.

سنڌ ۾ گذريل ٻارهن ورهين کان وٺي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي،ان دوران به ڪيترا ئي ڀيرا هن تاريخي ماڳ کي ختم ڪرڻ ۽ ان جبل کي ٽڪڻ ۽ ڊاهڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي جنهن تي سنڌ جو ماڻهو دانهن به ڪندو رهيو آهي پر ان جي دانهن کي سرڪار سطح تي ڪا موٽ نه ملي آهي جنهنڪري عام ماڻهو ان تي هاڻي گهڻو جذباتي ٿي ٿو وڃي. هي معاملو رڳو هڪ جبل مان پٿر ڪڍڻ جو هجي ته به ان جو نوٽس وٺڻ گهرجي ها پر هي مسئلو ايترو ننڍو نه آهي ان ڪري وقت جي سرڪار کي گهرجي ته هڪدم پنهنجي لاڳاپيل کاتي کي ان جو پابند ڪري ته هن جبل سان ڪا به هٿ چراند نه ڪئي وڃي، گڏوگڏ ڪارونجهر کي ڪوريندڙ ڌرين تي ڪيس داخل ڪري ان کي نقصان ڏيندڙن خلاف قانون ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي سزا به ڏياري وڃي.

سموري سنڌ م جنهن انداز سان سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ٿي رهي آهي ان خلاف سنڌ جي سمورين ڌرين کي به گڏجي ان عمل خلاف تحريڪ منظم ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي مالڪي جي لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي ٻين قدرتي وسيلن جيان ڪارونجهر نه سموري سنڌ جي ماڻهن جو هڪ ناياب ورثو آهي. ڪي ملڪيتون ماڻهن جون ذاتي هونديون آهن ته ڪي وري قومي ملڪيتون هونديون آهن اهڙي طرح ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تي هي جبل سموري قوم جي ملڪيت آهي جنهن کي بچائڻ به سڄي سنڌ جي ماڻهن جو فرض آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.