سنڌ جي موسم ۽ ميٿين گئس

ڊاڪٽر حليم مگسي

سنڌ ۾ گرمي وڌڻ جو سبب ڇا آھي ؟ اھڙي موسم جو ڪير ذميوار آھي ؟ ـ ڇا اِن تي ضابطو يا ماحوليات کي بھتر  ڪري سگهجي ٿو؟ ھي  اھڙا سوال آھن جنھن جي جواب جي ضرورت آھي.

16 اپريل تي سنڌ جي ماهرن ماحوليات کي سڌارڻ تي زور ڏنو آھي. حڪومت انھن سوالن جي جواب لاءِ موسم جي عالمي تبديلي جي طريقن ڏانھن ڏسي يا اشارو ڪري رھي آھي. پر حقيقت ۾ ماحوليات کي خراب ڪرڻ وارا ۽ ٺيڪ ڪرڻ وارا به پاڻ آھيون. ماحوليات کي ٺيڪ ڪرڻ به ھرھڪ جي  ذميواري آھي. سنڌ ۾ ماحوليات جي  مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ماحوليات، موسم جي تبديلي ۽ ساحلي ترقي جو کاتو قائم ڪيو ويوآھي. جن کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

20 صدي جي 70 واري ڏھاڪي ۾ يونيورسٽي ۾ شاگردي جي زماني دوران قاسم آباد جي  واڌو واھ کي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. تڏھن واڌو واھ درياھي پاڻي سان آباديون ڪرائيندو ھو. ھن وقت واڌو واھ جي ڪپرن تي بھترين روڊ ۽ وٽ سان وڏيون عمارتون ۽ مارڪيٽ ٺھي ويا آھن پر  واڌو واھ ھڪ صاف واھ جي جڳهھ تي گندي پاڻي جي نيڪالي جو ذريعو ٿي ويو آھي. واڌو واهه جو ڪيس ڪير به نٿو وڙهي سگهي ۽ نه ئي آواز اٿاري ٿو.

گرمي جي لھر (Heat wave) ڇا آھي. ڪجهه ڏينھن يا ڪجهه ھفتا معمول جي پد کان وڌيڪ پد کي گرمي جي لھر سڏين ٿا ـ گرمي وڌڻ سان گڏ ھوا ۾ نمي جي گهٽ ھجڻ ڪري سوڪهڙي يا وڌيڪ نمي جي ڪري صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي جنھن سان ڏينھن لڳڻ ۽ جان ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿئي ٿي. ھي موسم جي تبديلي ڪري ٿئي پئي.

ماحولياتي ماھرن طابق گرمي جي لھر جو سبب گرين ھائوس گئسز جو فضا ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ آھي. گرين ھائوس گئسز جي اھم گئس ميٿين گئس آھي. ميٿين گئس جي موسم کي گرم ڪرڻ جي سگهھ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان 25 ڀيرا وڌيڪ آھي. ھڪ  تحقيق مطابق صدي جو پوئين ڏھاڪي ۾ ميٿين گئس جو فضا ۾ نيڪال في سال 6.8 (pbb) وڌيو آھي. انٿروپوجينڪ ذريعا ڌرتي جي فضا ۾ ميٿين گئس جو 60 سيڪڙو ٺاھن ٿا. جنھن ۾ تيل ۽ گئس جي صنعت، زراعت، نيڪال جو پاڻي جي صفائي، ڪوئلي جي کاڻن جي کوٽائي شامل آھن.

زراعت ۾ سارين جو فصل سڀ کان وڌيڪ ميٿين گئس خارج ڪري ٿو. ڪمند ۽ ٻيا گهڻو پاڻي گهرڻ وارا فصل يا زمين جون پاڻي سان ڀريل ھيٺايون به ميٿين گئس جا ذريعا آھن. تنھنڪري ميٿين گيس جي ٺھڻ ۽ فضا ۾ شامل ٿيڻ جي طريقيڪار کي سمجھڻ ضروري آھي.

مٽي ۾ حياتاتي ڪاربان قدرتي طور تي آھي ۽ جيڪو زرعي سرگرمين سان به وڌي ٿو. زمين کي پاڻي ڏئي ٻوڏ ڪرڻ سان آڪسيجن جو فضا مان مٽي ۾ شامل ٿيڻ رڪجي وڃي ٿي. حياتاتي ڪاربان آڪسيجن جي غير حاضري وارين حالتن ۾ حياتاتي جي عمل تحت خمير ۾ تبديل ٿي ميٿين گئس ٺاھي ٿو. ميٿين گئس سارين ، ڪمند ۽ ٻين ٻوٽن جي ذريعي بوڻيا ٿي ۽ ماليڪيولر ڦھلاءَ ذريعي فضا ۾ شامل ٿئي ٿي. 7 يا وڌيڪ pH واري مٽي ميٿين گئس ٺاھڻ لاءِ موافق آھي. خشڪ زمين جو پد 45 ۽ پاڻي ڏيڻ کانپوءِ مٽي جو پد 40 ھجڻ سان ميٿين گئس وڌيڪ ٺھي ٿي. سنڌ جي زرعي زمين جي    pH اڪثر 7 يا ان کان وڌيڪ آھي. ان سان گڏ سارين جي پوکائي وقت زمين جو پد 45 ۽ پاڻي واري زمين جو 40 پد جي برابر ھوندو آھي.

جنھن مان ثابت ٿيو ته سنڌ جي زمين ميٿين گيس ٺاھڻ لاءِ موافق آھي. ان سان گڏ تيل ۽ گئس صنعت ۽ ڪوئلي  جي کوٽائي جون سرگرميون ميٿين گيس جو فضا ۾ نيڪال وڌائن ٿيون. پر ان جي مقدار جي ماپ ڪرڻ جو ڪم شايد ئي ٿيندو هجي. سنڌ جي ساحل تي بليو گئس جي نگراني وارو پراجيڪٽ جي خبر ناھي ڪٿي پھتو. ان جي به مخالفت ڪئي وئي ھئي. جنھن جي اُن وقت مخالفت سمجھه ۾ نه آئي ھئي. نائٽروجن ڀاڻ ڏيڻ سان به ميٿين گئس وڌيڪ ٺھندي آھي. سارين ٻوٽن جي شرعاتي ڏينھن ۾ ميٿين گئس گهٽ خارج ٿيندي آھي. ميٿين گئس جو نيڪال سارين جي نسرڻ ۽ تيار ٿيڻ وقت وڌيڪ ٿيندو آھي.

دنيا ۾ ھن وقت 41 ڪروڙ 32 لک ايڪڙن زمين تي سارين جو فصل ٿئي ٿو. ايشيا ۾ چين، ڀارت، انڊونيشا ، بنگلاديش، ويٽنام سڀ کان وڌيڪ ساريون پوکڻ وارا ملڪ آھن. سنڌ جي زراعت کاتي مطابق 1947 ۾ سنڌ ۾ ساريون جي پوک چار لک ڇھاسِي ھزار ايڪڙن تي ھئي ۽ 2010 ۾ سارين جي  ايراضي وڌي ست لک ست ھزار ايڪڙ ٿي. 12 سالن ۾ ايراضي اڃان به وڌيڪ ٿي ھوندي. ھن وقت ته ساريون ڪچي واري علائقي ۾ ٽيوب ويل تي پوکجڻ شروع ٿيون آھن. ڪمند جي ايراضي به 1947 ۾ 66 ھزار ايڪڙن جي ڀيٺ ۾ وڌي 2010 ۾  2 لک 33 ھزار ايڪڙ ٿي آھي. ظاھر آھي اِن ۾ به واڌ ٿي آھي. سارين، ڪمند ۽ ڪيلي جا  فصل گهڻو پاڻي کڻڻ ڪري ميٿين گئس ٺاھڻ جو تناسب به وڌيو آھي.  مطلب سنڌ جي فضا ۾ ميٿين گئس جي وڌڻ سان علائقي جي موسم تي فرق پيوآھي. سارين ۽ ڪمند جو فصل سيپٽمبر کان نومبر ۾ تيار ٿيڻ دوران ميٿين گئس جو نيڪال به وڌيڪ ٿئي ٿو. جيڪو اصولن ڊسمبر کان مارچ تائين گهٽجڻ کپي پر سارين جي نمي ( گهم) سان ڀريل زمين تي ربيع جي فصل پوکڻ سان نائٽروجن ڀاڻ جي وڌيڪ استعمال ڪرڻ جيڪري اِنھن مھينن ۾ ميٿين گئس ٺھڻ جي صورتحال تي ڪو اثر نه ٿو پوي. تنھنڪري ميٿين گئس جي اثر ڪري سنڌ ۾ گرمي جي  وڌي آھي.

ميٿين گئس جي ٺھڻ ۽ نيڪال کي گهٽائي سگهجي ٿو. جئين ته ميٿين گئس زمين کي پاڻي گهڻي ڏيڻ سان وڌيڪ ۽ پاڻي جي نڪالي سان گهٽ ٺھي ٿي.  ھڪ تحقيق مطابق پاڻي جي نڪالي سان 50 سيڪڙو ۽ سيارن جي فصلن جي وارابندي  ڪرڻ سان 32 سيڪڙو ميٿين گئس ٺھڻ ۾ ڪمي ڪري سگهجي ٿي. فلپائين ۾ سارين جي ٻج جي ڇٽ جي طريقي سان رونبي سان پوکيل سارين جي بنسبت 18 سيڪڙو گهٽ ميٿين گئس ٺھڻ تجربو ڪيو ويو آھي. جپان بنا ھر ڏيڻ جي سارين جي پوک ڪري ميٿين گيس جي ٺھڻ ۾ 42 سيڪڙو ڪمي ڪئي آھي. مصر ۾ گهٽ وقت ۾ تيار ٿيڻ واريون ساريون پوکي ميٿين گئس ٺاھڻ کي گهٽ ڪرڻ ڪوشش ڪامياب ٿي آھي. پر سنڌ کي پنھنجي آبھوا تحت اُپاءُ وٺڻا پوندا.

جئين ته رائيس ڪينال جي ڪمانڊ علائقي ۾ فقط سارين جو فصل ٿيندو آھي. تنھنڪري ھتي فصل جي وارابندي پاڻ ٿيو وڃي. پر نمي تي ٿيندڙ فصلن ۾ نائٽروجن ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان سارين جي جڙن ۽ پلال مان ميٿين گئس ٺھڻ جاري رکي ٿي. سنڌ ۾ چيڪي مٽي واري زمين ۾ سارين جي ڇٽ وارو طريقو شايد ڪامياب نه ٿئي  ان لاءِ تجربو ڪرڻو پوندو.

بهرحال پاڻي جي نظام کي درست ڪرڻ سان گڏو گڏ ميٿين گئس جي ٺھڻ جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زراعت کاتي طرفان پاڻي نيڪال ڪري استعمال جي قابل ڪرڻ واري منصوبي جي اڀياس ڪرڻ جي اھميت وڌي وئي آھي. جنھن سان 50 سيڪڙو ميٿين گئس جو مقدار گهٽائي سگھجي ٿو. ياد رھي ته سنڌ سرڪار جو روينيو کاتو ھر ڇھه ماھي آبادگارن کان مقرر ڪيل ريٽ مطابق في ايڪڙ ڊرينج فيس وصول ڪندو آھي. پر اھڙي ڊرينج نظام سان ميٿين گئس جي گهٽائڻ لاءِ انهن وٽ ڪو هڪ به عمل ۾ آڻيندڙ پروگرام نه آهي سواءِ ٽيڪس وٺڻ جي. وڻ پوکڻ چڱو ڪم آھي جنھن سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ گهٽجي ٿي ۽ برسات وڌي ٿي پر ان سان گڏ وگڏ ميٿين گيس جو بندو بست به ڪرڻ لازمي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.