پي ٽي آءِ حامي صحافي صابر شاڪر اي آر واءِ تان فارغ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي مشهور ٽي وي چئنل اي آر واءِ  نيوز جي پي ٽي آءِ  حامي صابر شاڪر استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. نامياري صحافي ظفر نقوي پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته صابر  شاڪر هڪ ٽوئيٽ ڪيو ته مان پنهنجي سڪيلڌي باس سلمان اقبال کي استعيفا موڪلي ڇڏي آهي. 17 سال اي آر واءِ سان سلهاڙيل رهيس نٿو چاهيان ته منهنجي ڪري سلمان اقبال کي ڪا پريشاني ڏسڻي پئي، حاڪميت صرف الله جي آهي، مرڻ جيئن مادر ملت سان آهي، پاڪ فوج جي شهيد سپاهين کي سلام، پاڪستان زنده باد، دعا آهي ته اي آر واءِ اڃان به ترقي ڪري، صحافي ظفر نقوي ٽوئيٽ پڙهي ٻڌائڻ کان پوءِ تبصرو ڪندي چيو ته مون کي ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته صابر شاڪر کي عماد يوسف ۽ هڪ پروڊيوسر فارغ ڪرايو آهي، ان سلسلي ۾ جڏهن صابر شاڪر سان رابطو ڪيو ته هن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته طلعت حسين سميت سينيئر صحافين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن  صابر شاڪر کان جبري طور استعيفا ورتي وئي آهي ته اهو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ياد رهي ته ان کان اڳ صحافي ۽ اينڪر ڊاڪٽر معيد پيرزادو به اعتراف ڪري چڪوآهي ته کيس نواز شريف خلاف استعمال ڪيو ويو، جنهن  جو هاڻي احساس ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.