سنگين انتظامي غلفت،نوابشاهه تعلقي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ ٻن اميدوارن جو ٻين صوبن سان تعلق!

نوابشاھ(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) تازو سنڌ جي تعليم کاتي پاران نج ميرٽ جي بنياد تي استادن جون ڀرتيون تعلقي سطح تي ڪرڻ واري دعويٰ به مشڪوڪ بڻجي وئي آھي تعلقي نوابشاھ مان پرائمري اسڪول ٽيچرس جي ورتل ٽيسٽ ۾ ٻن اميدوارن جو تعلق تعلقي نوابشاھ، ضلعي شھيد بينظير آباد ۽ سنڌ صوبي سان ھئڻ بدران اسلام آباد ۽ بلوچستان صوبي سان ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٽيسٽ پاس ڪندڙ ھڪ اميدوار جو نالو عمران حيدر ولد غلام حيدر آھي جنھن جو تعلق وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد سان آھي جڏھن ته ٻئي اميدوار جو نالو شڪيل احمد ولد سھراب آھي جنھن جو تعلق صوبي بلوچستان جي شھر لسبيلا سان ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي مليل دستاويزي ثبوتن موجب ٻنھي اميدوارن پاران پرائمري ٽيچرس جي ڀرتي لاءِ ڏنل تعليمي سرٽيفڪيٽن ۾ شامل قومي شناختي ڪارڊ جا نمبر ايڊريس به اسلام آباد ۽ لس بيلا جي ڄاڻايل آهي، نوابشاھ تعلقي مان پرائمري جي ٽيسٽ ۾ 51 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ ھڪ اميدوار اياز حسين ولد غلام مصطفيٰ ڪليري ۽ جاويد نواز بروھي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي ته اسان پنھنجي ڏينھن رات جي محنت سان ٽيسٽ پاس ڪئي پر اڄ اسان کي اڃان تائين آفر آرڊر کان محروم ڪيو ويو آھي ۽ اسان جي تعلقي جي اميدوارن جي حق تي ٻاھرين صوبن جي اميدوارن کي ڪيئن پاس ڪيو ويو آھي ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ان حساس ۽ سنگين معاملي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي غير قانوني عمل ۾ ملوث ڌرين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مقامي اميدوارن کي حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.