بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ اڄ مڪاني چونڊ، چمن انتهائي حساس

ڪوئٽا(م ڊ)بلوچستان ۾ اڄ مڪاني چونڊ ٿي رهي آهي، 2034 پولنگ اسٽيشنون حساس قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته چمن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي،  بلوچستان جي ضلعي نصير آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ امن جي بحالي لاءِ پوليس ٻن صوبائي وزيرن سميت 20 اهم شخصيتن جي چر پي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اها پابندي صوبائي وزير حاجي محمد لهڙي، مير سڪندر خان عمراڻي سميت مير عبدالغفور لهڙي، مير آصف علي لهڙي، مير عبدالرئوف لهڙي، مير غلام نبي عمراڻي، مير صفدر خان عمراڻي، مير اڪبر خان عمراڻي، مير شوڪت خان بنگلزئي، مير محمد صادق عمراڻي، مير عبدالماجد ابڙو، محمد وارث ابڙو، بلاول خان عمراڻي، جعفر ڪريم ڀنگر، واحد بخش بنگلزئي، مير علي حسن، سردار زاده بابا غلام رسول عمراڻي، بابو محمد امين عمراڻي، رضا علي عمراڻي ۽ طلال تي لاڳو هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.