ٽرانسپورٽر ڪابينا جي فيصلي تائين ڀاڙا نه وڌائين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماء ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نمائنده  تنظيمن سان اجلاس. ٽرانسپورٽرن  صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته تيل جي اگهن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ فوري اضافو ڪيو وڃي. پيٽروليم مصنوعات ۾ تمام گهڻي واڌ کانپوءِ روٽس تي اسان جون گاڏيون نقصان ۾ هلي رهيون آهن. جيڪي برداشت نه ٿا ڪري سگهون،شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽرن کي سندن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌيون آهن، پر حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ نه ٿي چاهي. ڪراين ۾ اضافي جو معاملو سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رکيو ويندو. ھن چيو ته جيستائين فيصلو نه ٿئي، ٽرانسپورٽر ڪراين ۾ واڌ نه ڪن. اجلاس ۾ بس روٽس جي اجازت نامن، گاڏين جي فٽنيس ۽ ڪراچي شهر کي جديد ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ انٽرسٽي، انٽراسٽي ۽ انٽرا پراونس سميت ٻين ايسوسي ايشن صوبائي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير چيو ته اهڙيون گاڏيون جيڪي روڊن تي آڻڻ جي قابل ناهن انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪنداسين. پهرين آگسٽ تائين ٽرانسپورٽر پنهنجون گاڏيون درست ڪرائن. ٽائيم لائين کان پوءِ ان فٽ گاڏيون روڊن تي آڻڻ جي اجازت نه هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.