جون ۾ آءِ ايم ايف کان 3 ارب ڊالر ملندا، مهانگائي اڃا وڌندي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي، ته وزيراعظم جي سستو پيٽرول، سستي ڊيزل اسڪيم تحت هڪ ڪروڙ 40 لک پاڪستاني ڪٽنبن کي ماهوار 2000 رپيا وظيفو ملندو، اسڪيم مان 8 ڪروڙ 40 لک فرد يا هڪ ڀاڱي ٽي آبادي لاڀ ماڻيندي. جون تائين آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿي ويندو، ان بعد پاڪستان کي نئين قسط ملندي، اسان سياسي دٻاءَ کي منهن ڏينداسين  نئين مالي سال جي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪئي ويندي. ڇنڇر ڏينهن هتي مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات قوم کي ڪيل خطاب ۾ جيڪي اعلان ڪيا آهن، ان سان ملڪ جي غريب ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي فائدو پهچندو. اها حقيقت آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه وڌائڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، پر جيڪڏهن ايئن نه ڪيون ها، ته رپئي جو قدر وڌيڪ ڪري پئي ها ۽ ملڪ ۽ معيشت کي نقصان پهچي ها. ڏکيا ۽ سخت فيصلا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪيا آهن. ان فيصلي سان رپئي جي قدر تي سٺو اثر پيو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ م به تيزي آئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي سستو پيٽرول سستي ڊيزل اسڪيم تحت هڪ ڪروڙ 40 لک پاڪستاني ڪٽنبن کي ماهوار 2000 رپيا وظيفو ملندو. اهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ملندڙ معاونت کان اضافي هوندو، ان اسڪيم مان 8 ڪروڙ 40 لک فرد فائدو کڻي سگهندا. ان اسڪيم جي لاڳت 28 ارب رپيا آهي، ان اسڪيم مان 73 لک اهي ڪٽنب جيڪي بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ آهن فائدو کڻندا. ان کان علاوه 67 لک اهي ڪٽنب به شامل آهن، جيڪي بي آءِ ايس پي ۾ شامل ته ناهن پر سندن غربت جو اسڪور 37 کان گهٽ آهي. اهڙا ڪٽنب ٽيليفون نمبر 786 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر اماڻي اها امداد حاصل ڪري سگهندا.  عمران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو هو، ان ۾ هن هڪ رپئي جي سبسڊي نه ڏيڻ جو عهد ڪيو هو. هن فارمولي مطابق ڊيزل جي قيمت 300 رپيا ۽ پيٽرول جي قيمت 260 کان 270 رپيا في ليٽر هئڻ گهرجي، پر اسان ايئن ناهي ڪيو. اسان غريب ماڻهن تي وڌيڪ بار نٿا وجهڻ چاهيون. اسان جي ايس ٽي ۽ ليوي به نه لڳائينداسين. هن  چيو ته اهو نٿو چئي سگهان ته پيٽرول جي اگهه ۾ اڳتي اضافو ٿيندو يا نه، مون کي نٿو لڳي ته ان ۾ جلد وڌيڪ اضافو ٿئي. هن چيو ته بجلي جي قيمت وڌائڻ بابت اڃا ڪا سمري ناهي آئي. ناڻي واري وزير چيو ته دوحه ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پاور پلانٽن جي نجڪاري بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، پر اسان سمجهون ٿا ته نجڪاري ٿيڻ گهرجي،هڪ سوال تي هن چيو ته سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر رول اوور ٿيندا. سعودي عرب جي ناڻي واري وزير ان حوالي سان هڪ بيان ڏنو آهي. سعودي عرب اسان جي وڌيڪ مدد به ڪري رهيو آهي، پر مان ان جا تفصيل نٿو ڏئي سگهان. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ هڪ سال جي توسيع ۽ معاونت ۾ وڌيڪ 2 ارب ڊالرن ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. آءِ ايم ايف سان معاهدي سان عالمي بئنڪ، ايشيا انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا امداد ڏيندڙ ملڪ ۽ ادارا اسان جي معاونت ڪندا، جنهن سان نوان رستا کلندا جيڪي معيشت لاءِ اهم آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.