ڊمي اپوزيشن ليڊر ذريعي نيب چيئرمين مقرر ڪيو پيو وڃي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هڪ لوٽي کي ڊمي اپوزيشن ليڊر بڻائي نيب چيئرمين جي مقرري جو پراسيس ڪيو پيو وڃي، هن جسٽس (ر) مقبول باقر لاءِ اميد ظاهر ڪندي چيو ته هو نيب چيئرمين جي مقرري واري پراسيس جو حصو نه بڻجندو. اسلام آباد ۾ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪي ڪيس ڪيا ويا آهن اهو ته ليگل پراسيس آهي هلندو رهندو، اسلام آباد ۾ به ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، هن چيو ته ملڪ جا مسئلا وڌيڪ ڳنڀير آهن، مهانگائي جو هڪ طوفان ملڪ ۾ اچي ويو آهي وڌيڪ اچڻ وارو آهي.حڪومت کي عوامي حمايت ناهي جنهن سان معاملا وڌيڪ خراب ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.