”عمران خان چوي ٿو ٺاهه ڪرايو“: ملڪ رياض جو آصف زرداري کي فون، آڊيو ليڪ

ڪراچي (م ڊ) ملڪ جي مشهور پراپرٽي ٽائڪون ملڪ رياض جي ”عمران خان“ جو پيغام اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پهچائڻ واري مبينا آڊيو سامهون اچي وئي، جنهن موجب ملڪ رياض ۽ آصف زرداري وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، مبينا آڊيو ۾ فون ريسيو ڪرڻ تي آصف علي زرداري چئي ٿو هيلو، جنهن تي ملڪ رياض چوي ٿو اسلام عليڪم سر، اڳوڻو صدر جواب ۾ چوي ٿو وعليڪم السلام، خيريت؟ ان کان ملڪ رياض چوي ٿو ته سر بس ايترو چوڻو هو ته مون اڳ به چيو هو ته توهان سان ڳالهه ڪرڻي آهي، توهان چيو ته ڳالهه نه ڪنداسين، توهان کي انفارميشن ڏيئي هئي،”خان جا تمام گهڻا پيغام اچي رهيا آهن ته ٺاهه ڪرايو“. آڊيو ۾ ملڪ رياض چوي ٿو ته ”اڄ ته هن مون کي کوڙ ميسيجز ڪيا آهن ته پيچ اپ ڪرائي ڏيو توهان سان “. ملڪ رياض جي ان ڳالهه تي آصف زرداري جواب ڏنو ته ”هاڻي امپاسيبل آهي نه“. ان جي جواب ۾ ملڪ رياض جو آخري جملو اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ”نه ٺيڪ آهي، بس ڳالهه اوهان سامهون رکي ڇڏي“.ڳالهه ٻولهه ۾ آصف زرداري کي کنگهندي به ٻڌي سگهجي ٿو، هن آڊيو ۾ ملڪ رياض ظاهري طور تي ٽياڪڙ طور عمران خان  جو پيغام آصف علي زرداري کي پهچائي رهيو آهي، ماضي ۾ هو آصف علي زرداري خلاف انتهائي خراب لفظ ڳالهائيندو آهي، عمران خان آصف علي زرداري کي هڪ بيماري به چوندو رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.