معاشي بحران جو شڪار سريلنڪا روسي تيل وٺي ڇڏيو

ڪولمبو(م ڊ) سريلنڪا روسي روسي خام تيل جي پهرين ڊليوري وصول ڪري ڇڏي آهي،يورپي يونين روسي تيل جي برآمد تي پابندي لاءِ سومر تي غور ڪندي، سريلنڪا کي پنهنجي آزادي کانپوءِ هيل تائين سڀ کان بدترين اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، آمريڪي پابندين ۽ يوڪرين خلاف جنگ تي عالمي سفارتي احتجاج باوجود سريلنڪا جي حڪومت ماسڪو سرڪار سان خام تيل، ڪوئلي ۽ ڊيزل جي ترسيل لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي بحران سبب صارف ڪيترن ئي ڏينهن کان قطارون لڳائي بيٺل آهن، ملڪ اونداهي ۾ ٻڏل آهي، جڏهن ته سريلنڪن صدر خلاف احتجاج 50 هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.