جسٽس فائز عيسيٰ پاران ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي اعتراض

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال، چيئرمين جوڊيشل ڪميشن ۽ ميمبرن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز مان سپريم ڪورٽ جو جج مقرر نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، خط ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ چيف جسٽسز ۽ سينيئر ججز جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي ڊگهي روايت رهي آهي پر سينيئرز کي نطرانداز ڪري جونيئر جج جي روايت جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس گلزار متعارف ڪرائي، خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو آئين ماڻهن کي جوڙي رکي ٿو، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته جڏهن به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ان جو نقصان ٿيو، خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي جج بڻائڻو آهي ڪنهن کي نه، تاثر اهو آهي ته ائين پرڏيهي عملن جي ڪري ڪيو وڃي ٿو، عدليه ۾ مقررين بابت ان تاثر کي ختم ڪرڻ گهرجي، اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي.جسٽس فائز عيسيٰ خط ۾ قرار ڏنو آهي ته فرد واحد طرفان هڪ نالو ڏيڻ، مقرري لاءِ ووٽنگ تي مجبور ڪرڻ ۽ هڪ ووٽ سان جج بڻجي وڃڻ آئين موجب ناهي، عوام جو اهو تاثر ته عدليه آزاد ناهي، پنهنجو احترام ۽ اخلاقي جواز وڃائي ڇڏي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.