عالمي مارڪيٽ ۾ شين جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ناڻي وزارت چيو آهي، ته پاڪستان کي ڪيترائي شديد اقتصادي چئلينج درپيش آهن، صارفين ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ جٽادار اقتصادي ترقي ذريعي معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن وقت عالميمارڪيٽ ۾ خوراڪ جي جنسن ۽ ٻين شين جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، جڏهن ته ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي سبب ذخيرن ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جهڙا اهم چئلينجز آهن، پر هڪ ڳالهه خوش آئينده آهي ته اقتصادي اوسر واري شرح نسبتاً بهتر آهي. معيشت جي مختلف اهڃاڻن ۾ عدم توازن سان جٽادار اقتصادي اوسر تي اثر پئجي سگهن ٿا. ڇنڇر ڏينهن ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپڊيٽ مطابق جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾  پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ 7.6 سيڪڙو جي اوسر ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.