ادارن کي چوان ٿو ته ملڪ بچائڻ جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو: عمران خان

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ پڇيو ويندو ته سپريم ڪورٽ  واضح طور تي ٻڌائي پرامن احتجاج پاڪستان جي شهرين جو حق آهي يا نه؟پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته ادارا تماشو ڏسي رهيا آهن، هڪ پاڪستاني هجڻ جي ناطي ادارن کي چوڻ چاهيان ٿو ته ملڪ تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي، ملڪ بچائن جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو، ادارن جي ذميواري آهي ته ملڪ کي بچائين.عمران خان چيو ته جان قربان ڪندس پر هن حڪومت کي قبول نه ڪندس، 6 ڏينهن مڪمل ٿيڻ بعد اعلان ڪندس ته ٻيهر اسلام آباد ڪڏهن اچيرهيو آهيان، سڀني کي مارچ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي اسان پوري تياري سان اسلام آباد اينداسين.هن الزام لڳايو ته اسلام آباد ۾ وڻن کي باهه پوليس وارن ۽ ن ليگ وارن ڏني، پرامن احتجاج تي شيلنگ جو معاملو عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان کڻندس،ادارا تماشو ڏسي رهيا آهن، هڪ پاڪستاني هئڻ جي ناطي ادارن کي چوان ٿو ته ملڪ تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ملڪ بچائڻ جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو، ادارن جي ذميواري آهي ته ملڪ کي بچائين، هن چيو ته آمريڪي آقائن جي خوف سان روس کان سستو تيل نه ورتو ويو، اسان جي احتجاج جو سبب اهو ئي هو، هن چيو ته ڳالهيون هلڻ رهڻ گهرجن، اسان جنگ نٿا چاهيون، اميد ڪريان ٿو ته پرامن احتجاج جو حق سپريم ڪورٽ ڏيندي، هن چيو ته ماڊل ٽائون واقعي تي راڻا ثناءُ الله ۽ شهبازشريف کي سزا ٿئي ها ته اڄ انهن جو اهو رويو نه هجي ها، اسلام آباد ۾ رتوڇاڻ ٿي پئي سگهي، ادارن ۽ رينجرز خلاف نفرت وڌي پئي سگهي، ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار هئا، گولي هلي پئي سگهي، نيب ترميمي بل۽ چونڊسڌارن واري بل کي عدالت ۾ چئلينج ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.