اشارن تي ٺهيل پي ٽي آءِ ڏڦيڙ جو شڪار، عمران پريشان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ  مارچ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ  ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وئي آهي، جڏهن ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جو واضح پيغام ملي ويو آهي ته شهباز شريف توڙي اتحادي حڪومت ختم نه ٿيندي، اهڙو پيغام شهباز شريف به قوم کي خطاب دوران ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي عمران خان اهڙي ٻه واٽي تي پهچي چڪو آهي جتي اڳيان ڀت ۽ پويان اونهي کاهي آهي، ڇو ته اشارن تي ٺهيل پي ٽي آءِ ڇڙ وڇڙ ٿيڻ طرف وڌي رهي آهي، ان جو ڪارڻ اهو به آهي ته هاڻي ايم اين ايز ۽  ايم پي ايز  کي اشارا يا فون ڪال اچڻ بند وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو پنجاب خاص طور ڏکڻ پنجاب جي ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز مارچ ۾ نه پاڻ شرڪت ڪئي نه ئي پنهنجي تڪن ۾جلوس ڪڍيا. جنهن تي عمران خان کي مايوسي سان گڏ ڪاوڙ به آهي، هڪ مرحلي تي انهن کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿي پر  ڪجهه اڳواڻن کيس صلاح ڏني ته ان سان ته پارٽي کي وڏو نقصان ٿيندو. هاڻي جڏهن عمران خان وري اسلام آباد اچڻ جو اعلان ڪيو آهي ته سينيئر اڳواڻ کيس روڪي رهيا آهن ته جيڪڏهن  وري اسلام آباد پهچي ڪجهه حاصل ڪرڻ بنا واپس ٿياسين ته اسان جي سياست ختم ٿي ويندي. جڏهن ته ڪجهه اڳواڻ کيس اسيمبليءَ  ۾ واپسيءَ جي به صلاح ڏئي رهيا آهن ته جيئن ايوان اندر حڪومت کي نيب چيئرمين ۽ اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ  تي مشڪل وقت ڏئي سگهجي، ٻي صورت ۾ اهم فيصلا ۽ قانونسازي حڪومت آساني سان ڪري ويندي. عمران خان انتهائي مشڪل ۾ ڦاسي ويو آهي، ڇو ته جتان اشارا ملندا هئا ان طرف ڳاڙهي بتي ٻري رهي آهي ۽ حڪومت واري طرف سائي بتي ٻري چڪي آهي، هاڻي اهو ممڪن آهي ته ڪو بهانو بڻائي اسلام آباد وڃڻ وارو اعلان واپس ورتو وڃي ۽ وري جلسن طرف واپسي ڪئي وڃي، اهو به ممڪن آهي ته اسيملبيءَ  ۾ واپسيءَ  جو به فيصلو ڪيو وڃي ڇو ته هاڻي پي ٽي آءِ کي بنا اشارن جي متحد رکڻ ئي عمران خان لاءِ وڏو چئلينج آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.