سنڌ جي 36 رٿائن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي 36 اسڪيمن تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن اهي جون 2022ع تائين مڪمل ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته موجوده اسپتالن کي وڌائڻ ۽ ڪجهه نين سهولتن جون اسڪيمون آهن تنهنڪري انهن کي عوامي مفاد خاطر وقت سِر مڪمل ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت جي شعبي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو، ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو شهاب انصاري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي ۾ 18.4 ارب رپين جون 171 اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن جن مان 11.3 ارب رپين جي 96 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي ۽ 7 ارب رپين جون 75 نيون اسڪيمون آهن.  وڏي وزير چيو ته هن مختص ڪيل رقم جو 60 سيڪڙو جاري ڪيو آهي پر جاري ڪيل فنڊن جو رڳو 29 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.  ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ جا بنيادي چئلينج ڊالر ۽ رپئي جي قدر ۾ واڌ ۽ 20 سيڪڙو جي ايس ٽي تي عملدرآمد هو جنهن سان اسڪيمن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.