وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏي وزير پيش، عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 4 جون تائين واڌ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز خلاف اسپيشل ڪورٽ لاهور ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز طرفان دليل ڏنا ويا. امجد پرويز ايڊووڪيٽ پنهنجي موقف ۾ چيو ته اڪائونٽ سلمان شهباز جي ٽرانزيڪشن لاءِ کوليو ويو ڪي به پئسا ايندا هئا ته ان کي ڏٺو ويندو هو فارم ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته اڪائونٽ شهباز شريف جي لاءِ کوليو پيو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا چالان ۾ چوڌري شوگرمل جو ذڪر آهي؟ جنهن تي وڪيل امجد پرويز چيو ته چالان ۾ رمشان شوگرمل ۽ العريبيه شوگرمل جو ذڪر آهي. جڏهن ته ايف آءِ اي طرفان چالان ۾ هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن چالان ۾ ڪي به شاهديون ناهن لڳايون ويون. هن چيو ته ايف آءِ اي ڪيترن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا. جوابدار ٺاهيو ويو، نه گواهه ۽ نه وري مقصود چپڙاسي جو بيان ڏسو ته ان جي سمورن چيڪن تي سيلف لکيو ويو آهي. اسپيشل سينٽرل ڪورٽ لاهور ۾ جوابدارن جي اوپننگ اڪائونٽ فارم پيش ڪيا ويا ۽ ڪيشيئر رمضان جو اڪائونٽ اوپننگ فارم به پيش ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.