جعلي ڊوميسائل تي سوات واسي کي ماستري عدالت ۾ چئلينج

ڪوٽڙي/مانجهند (جبار ڪابورو+ بابو عمراڻي)يوسي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل رهائشي سرٽيفڪيٽ تي سوات واسي کي ماستري  ملڻ بعد ڄامشوري جي وڪيل فهيم احمد انڙ پاران سيشن جج ڄامشوري جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت پاران 31 مئي تي ڌرين کي پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي درخواست گذار وڪيل فهيم انڙ پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪي پي ڪي  جي رھواسي اسرار پٺاڻ کي سنڌ جو ڊومياسائيل  ٺھرائي ڏنو ويو، جنهن بعد هن يوسي منظور آباد ۾ ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي جنهن سان مقامي ماڻهن جو حق غصب ٿيڻ سان گڏ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري پاليسي جي به  ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد دين مصطفي يوسي منظورآباد جي سيڪريٽري عبدالحفيظ راڄڙ، ڪي پي ڪي واسي اسرار احمد ۽ يوسي جي نائب قاصد سليمان شاھ سميت کي ڌر بڻايو ويو آهي جڏهن ته عدالت سڳوري ڄاڻايل عملدارن سميت ايس ايس پي ڄامشورو جي ڪنپلينٽ سيل انچار، ايس ايڇ او کاڻوٺ، ايس ايڇ او ڪول مائنز، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو کي به نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪيو آهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي به ان عمل ۾ ملوث آهن انهن خلاف قدم کنيو وڃي. ان حوالي سان ڊي سي ڄامشورو توڙي يوسي سيڪريٽري هڪ ڪهڙو ساڳيو موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان ڪوبه سرٽيفڪيٽ يا ڊوميسائل جاري ناهي ڪيو، آفيس رڪارڊ ۾ اهڙي ڪابه ثابتي نٿي ملي البته اسرار احمد جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊوميسائل ٺاهي نوڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.