ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ سنڌ جي مختيارڪارن کي سينارٽي جي بنياد تي ترقيون نه ڏيڻ واري فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت داخل ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت ۽ سينيئر بورڊ آف ميمبر روينيو بقاالله انڙ سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان مختيارڪارن جون ترقيون نه ٿي رهيون آهي، 5سالن کانپوءِ اسان جو حق هوندو آهي ته ترقي ڏني وڃي، جڏهن ته عدالت حڪم نامو جاري ڪيو هو .