ڪراچي ۾ نينگر تي ڪيس معاملو پوليس جي ڳچي ۾ پئجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ 15سالن جي نينگر رضوان کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ وارو معاملو پوليس جي ڳچي ۾ پئجي ويو، عدالت ايس ايچ او عزيز ڀٽي پارڪ ۽ هيڊ ڪانسٽيبل غلام حسين خلاف انڪوائري ۽ کاتيوار ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊي آءِ جي ايسٽ کي خط لکي ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اهلڪارن خلاف ايڪشن بعد 10ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ايڇ ايس او هڪ اهم عهدو آهي ان جو مطلب اهو ناهي ته شهرين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.