سي پي اين اي جي چونڊ، ڪاظم خان صدر، اياز خان سينئر نائب صدر، ڊاڪٽر جبار خٽڪ نائب صدر سنڌ چونڊجي ويو

ڪراچي(پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرايڊيٽرز(سي پي اين اي) جي سالياني چونڊ ۾ روزاني ڊيلي ٽائمز لاهور جو گروپ ايڊيٽر ڪاظم خان صدر، روزاني ايڪسپريس لاهور جو گروپ ايڊيٽر اياز خان سينئر نائب صدر، ماهوار ڪرن گروپ ڪراچي جو چيف ايڊيٽر عامر محمود سيڪريٽري جنرل، روزاني پاڪستان ٽوڊي لاهور جو ايڊيٽر يوسف نظامي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، روزاني 92 نيوز لاهور جو چيف ايڊيٽر محمد حيدر امين نائب صدر پنجاب، روزاني نواءِ وقت اسلام آباد جو ايڊيٽر سلمان مسعود نائب صدر اسلام آباد/راولپنڊي، روزاني عوامي آواز ڪراچي جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ نائب صدر سنڌ، روزاني اتحاد پشاور جو چيف ايڊيٽر طاهر فاروق نائب صدر خيبرپختونخوا، روزاني بلوچستان ايڪسپريس ڪوئيٽا جو چيف ايڊيٽر عارف بلوچ نائب صدر بلوچستان، روزاني جهان پاڪستان لاهور جو گروپ ايڊيٽر ضيا تنولي جوائنٽ سيڪريٽري پنجاب، روزاني ليڊ پاڪستان اسلام آباد جو چيف ايڊيٽر يحيٰ خان سدوزئي جوائنٽ سيڪريٽري اسلام آباد/راولپنڊي، روزاني نئين بات ڪراچي جو ايڊيٽر مقصود يوسفتي جوائنٽ سيڪريٽري سنڌ، روزاني انتخاب ڪوئيٽا جو چيف ايڊيٽر انور ساجدي جوائنٽ سيڪريٽري بلوچستان، روزاني آزادي سوات جو چيف ايڊيٽر ممتاز احمد صادق جوائنٽ سيڪريٽري ڪي پي، روزاني پاڪ ڪراچي جو ايڊيٽر غلام نبي چانڊيو فنانس سيڪريٽري ۽ روزاني صورتحال فيصل آباد جو چيف ايڊيٽر زبير محمود انفارميشن سيڪريٽري چونڊجي ويا، جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ 44 ميمبرن جي به چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪاظم خان، غلام نبي چانڊيو، شير محمد کهاوڙ، حامد حسين عابدي، عبدالرحمان منڱريو، فقير منٺار منڱريو، اڪرام سهگل ۽ ٻيا بنامقابلي چونڊجي ويا، اجلاس ۾ ميڊيا ورڪرن خالف هر قسم جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪرايو، اظهار راءِ جي آزادي تي ڪنهن به قسم جي پابندي کي رد ڪيو ويو، ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سي پي اين اي هڪ اهم صحافتي تنظيم آهي، سي پي اين اي سان گڏجي پاڪستان ۾ صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي هٿي لاءِ ڪم ڪنداسين، ٻئي پاسي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان ۽ عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته سي پي اين اي هميشه ذميوار صحافت کي هٿي ڏني آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.