ٽنڊي الهيار ۾ داروغي آبادگارن تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا

ٽنڊوالھيار (ڊ ر) بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ جي چار واٽر ڪورسن جي آبادگارن تي داروغي غلام علي کوسو جي فرياد تي  آبپاشي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي تن ۾ لطيف بوزدار ممتاز ميراڻي غلام رسول لنڊ مير اسلم ۽ هڪ ڪمدار پوڙهو لنڊ شامل آهن.  اهي ڪيس چمبڙ ۽ بڪيرا شريف ٿاڻن تي داخل ڪيا ويا آهن. تفصيلن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسين رينجرز سان گڏ ذڪر ڪيل واٽر ڪورسن تي وياسين ته مذڪورھ زميندار ماپ کان وڌيڪ پاڻي حاصل ڪري رهيا هئا ان ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.