پني عاقل ۾ سرعام شراب وڪرو ڪندڙ سڳ سوڌو گرفتار

پنوعاقل (ن ع آ )پنوعاقل ۾ سرعام شراب ھلائيندڙ گلبھار چاچڙ پنجن ڪارٽونن سميت سوگھو مٿس ايف آءِ آر داخل،سٽي پوليس  موجب ايس ايڇ او ذولفقار چاچڙ گشت دوران سڌوجا باءِ پاس کان رڪشي ۾ پنج ڪارٽون شراب جا کڻي شھر جي ڀيلار روڊ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ پھتو ته ايس ايڇ او ذولفقار چاچڙ ڇاپو ھڻي گلبھار چاچڙ کي شراب سميت پڪڙي ٿاڻي تي پھچايو ۽ مٿس منشيات وڪرو ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو،ان ڏس ۾ ايس ايڇ او ذولفقار چاچڙ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي حد ۾ ڪنھن کي به منشيات ھلائڻ جي اجازت نه ھوندي جيڪو به قانون ھٿ ۾ کڻندو ته کين کي پڪڙي مٿن ڪيس داخل ڪري جيل اماڻيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.