ڪراچي ۾ هٿياربندن جماعت اسلامي اڳواڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

ملير (ڊ ر)شاهه لطيف ٿاڻي جي حد قذافي ٽائون گلشن عسڪري ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ  جي نتيجي ۾ گهر ٻاهران بيٺل جماعت اسلامي ملير جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو يوسي قائدآباد جو نائب ناظم 65 ورهين جو نذير محمد قتل، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او ممتاز مروت صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ هن جي ڀاءُ کي پڻ قتل ڪيو ويو.  هو قتل جي الزام ۾ گرفتار جوابدار ضمانت بعد گهر ٻاهران بيٺل 65 ورهين جي نذير محمد مٿان فائرنگ ڪئي جنهن سبب هو مارجي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪاروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

  • اوٻاوڙي ڀرسان ڀائرن ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙي ڀرسان ڳوٺ حسين چاچڙ ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن سڳن  ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي وارث کڻائي اوٻاوڙو ٿاڻي تي پهتا جتي پوليس پاران جهيڙي ۾ زخمين جي ٻنهي ڌرين کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو ۽ زخمين ۾ لياقت علي چاچڙ، اڪبر چاچڙ، محمد علي چاچڙ، احسان چاچڙ، شامل آهن.  ۽ هوڏانهن زخمينzجي وارثن تعلقه اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي احسان، فرمان، عبدالمجيد ،معشوق ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين اوٻاوڙو جي ڳوٺ حسين چاچڙ جا رهواسي آهيون ٻن سڳن ڀائرن ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي ۾ ڏنڊا ڪهاڙيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن ۽ اسين اوٻاوڙو ٿاڻي تان علاج لاء ليٽر وٺي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهتا آهيون اسپتال ۾ بجلي جنيٽر، ۽ ٻيون سهولتون ناهن اسان جا مريض گرمي ۾ تڙپي رهيا آهن 3 ڪلاڪ گذري چڪا آهن اسان کي اسپتال ۾ بيٺي 3 ڪلاڪ گذري ويا آهن اڃا تائين  ڊاڪٽر ۽ عملو نه پهتو آهي اسان جي زخمين کي وقت سر طبي امداد نه ملڻ ڪري ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار ڊاڪٽر ۽ عملو هوندو ۽ متاثرين وڌيڪ سنڌ گورنمينٽ صحت کاتي جي اعلي عملدارن ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدارا غريب عوام تي رحم ڪري فوري طور تي اوٻاوڙو اسپتال جو دورو ڪري ڪرپٽ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي علاج جي بهتر سهولت مهيا ڪئي وڃي،۽ اسان سان به انصاف ڪيو وڃي جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

  • ماٿيلي لڳ واٽر ڪورس ڊاهڻ تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

ميرپورماٿيلو (ت ر)ميرپورماٿيلو داد لغاري ٿاڻي جي حد لڳ ڳوٺ ڪمال ڊھو ۾ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ واٽر ڪورس  ڊاھڻ تان ھڪ ڌر جو حملو جنهن ۾ لٺين ۽ سرين جو آزادانه استعمال جنهن جي نتيجي ۾ ڇھين ڪلاس جو شاگرد صغير احمد لغاري ۽ سندس چاچو وزير احمد لغاري، نائين ڪلاس جو شاگرد شڪيل احمد لغاري ۽ ماجد ٿي لغاري زخمي ٿي پيا ان سلسلي ۾ ڌڪي ماجد علي لغاري جو چوڻ هو ته اسان پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو.  پر پوليس جھيڙي واري ھنڌ نه پھچي جنهن بعد  زخمين کي وارث کڻائي داد لغاري ٿاڻي تي پھتاسين جتي پوليس علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪندي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو موڪليو ويو جتي زخمين جو علاج شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي داد لغاري ٿاڻي جي وڏي منشي صادق لغاري ٻڌايو ته زخمي ٿاڻي تي آيا هئا جن کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال موڪليوسين سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪا گرفتار عمل نه آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.