سنگرار ڀرسان گهٽيءَ جي مالڪيءَ تان جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

روھڙي (ن ع آ)روهڙي ويجهو سنگرار ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسلام شنباڻي ۾ شنباڻي ۽ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين ۽ گھٽي جي  مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 10کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي سنگرار پوليس ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين جو علاج ڪيو ويو زخمين مان ھڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ ڪري ان کي سيول اسپتال سکر ريفر ڪيو ويو آهي زخمين ۾ لطيف ڏنو شنباڻي، امير بخش شھزادو، ممتاز شنباڻي، ٻئي ڌر ۾ ساول بگٽي، عبدالحڪيم، غلام رسول ۽ ٻيا شامل آهن اسپتال اڳيان شنباڻي برادري جي ماڻهن زخمين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته بگٽي برادري جا ماڻهو ناجائزي ڪري رھيا آهن ھنن اسان جي گھرن مٿان حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي مظاهرين چيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي اڳرائي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.