خيرپور( ڊ ر)خيرپور ڀرسان ڳوٺ مٺو مري جي رهواسي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان غازي مري مٿان گمبٽ ڀرسان ڪنارا هوٽل تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي ۽فائرنگ ۾ گولين لڳڻ سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ويو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ڀرسان ڳوٺ مٺو مري جو رهواسي نوجوان غازي مري 4 سال اڳ پنهنجي ئي برادري جي ناري سان پسند جو پرڻو ڪيو هيو جنهن بعد ناري جا وارث سندس جان جا ويري بڻجي ويا هئا جن سندس مٿان حملو ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.