شھدادڪوٽ ۾ درزڪي دڪان مان سامان چوري

شھدادڪوٽ (ت ر) شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾ واقع پورھيت ذوالفقار ميرجت جي درزڪي دڪان جا تالا ٽوڙي ھڪ عدد سلائي مشين، استري، اسٽيبلائيزر، يو پي ايس، بئٽري ۽ 12 عدد اڻ سبيل ڪپڙن جا وڳا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. ھوڏانھن پوليس چوڪيدار کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

  • ڌاٻيجي ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڻڄاتل عورت ٽرين مان ڪري فوت

ڌاٻيجي  (ن ع آ) ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ريل گاڏي مان نامعلوم پيرسن عورت ڌاٻيجي اسٽيشن ڀرسان ڪري پئي ۽  موقعي تي فوت ٿي وئي مقامي پوليس پهچي ڪري لاش سول اسپتال گهارو منتقل ڪري ڇڏيو پوليس موجب پيرسن عورت وٽان ڪابه سڃاڻپ نشاني ناهي ملي سگهي جنهن ڪري لاش ايڌي سينٽر جي حوالي ڪيو ويندو.

  • بٺوري ۾ وڏيري  ليهار خان برفت جو ڀاءُ فوت

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺوري ۾ وڏيري  ليهار خان برفت جو ڀاءُ گاهي خان برفت ڪجهھ عرصو بيمار رهڻ بعد وفات ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ ليهار خان برفت ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي، وڏيري لقمان پالاري، حاجي پاشا شاھ شيرازي،  سيد آفتاب شاھ شيرازي، وڏيري علي شير بروهي، وڏيري مٺو خان جوڻيجو، قادر خاصخيلي، حبيب الله خاصخيلي، وڏيري خدابخش چارڻ، دودو خان جاکرو، ارباب ڪامران ميمڻ ، محمد صديق ميمڻ ، شعبان بڪڪ، اختر ڪڇي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.