حڪومت جو ”فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018“ جي بحالي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ملڪي فلمي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018 جي بحالي جو فيصلو ڪيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته فلم ۽ ثقافت جا اسٽيڪ هولڊرز سان مشاور کانپوءِ ترتيب ڏنل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2018 جي بحالي جي حوالي سان جلد سفارشون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون، پنجابي فلمي اسان جو قيمتي اثاثو آهي.

هن فلم انڊسٽري تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي جي مطالبي تي غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

سندس چوڻ هو ته ٻارن لاءِ تيار ٿيندڙ مواد تي خاص رعايت ڏني ويندي جيئن بهتر ڪارٽون، ڊراما، ڪهاڻيون، تعليم ۽ تربيت بابت پروگرامن جي حوصله افزائي ٿئي، فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون، صنعت جي طور تي هن شعبي کي رعايت ڏني ويندي. فلمن جي ڪهاڻي، معيار، ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ هن قومي پاليسي جو حصو آهي.

مريم اورنگزيب اهو به چيو ته سينيما گھرن جي بحالي، نوان سيمينا گھرن جي اڏاوت ۽ فنڪارن لاءِ مراعتون شامل آهن، عوام کي تفريح جي فراهمي لاءِ ٽڪيٽ جي قيمت گھٽ، شوٽنگ لاءِ اجازت نامن کي سولو بڻايو ويندو، فلم، ڊراما، اسٽيج ۽ فن لطيفا پاڪستان جي عالمي اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪرنگھي جو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، برداشت نه ڪرڻ ڏڦيڙ اسان جي معاشري ۾ نه هيو، پيدا ڪيو ويو، ان کي ختم ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.