اوٻاوڙو ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

اوٻاوڙو   ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن  ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حسين چاچڙ ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن سڳن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ لياقت علي چاچڙ، اڪبر چاچڙ، محمد علي چاچڙ، احسان چاچڙ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

 

ان موقعي تي احسان، فرمان، عبدالمجيد ،معشوق ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين اوٻاوڙو جي ڳوٺ حسين چاچڙ جا رهواسي آهيون ٻن سڳن ڀائرن ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي ۾ ڏنڊا ڪهاڙيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن

 

پر اوٻاوڙو اسپتال ۾ بجلي جنيٽر، ۽ ٻيون سهولتون ناهن اسان جا مريض گرمي ۾ تڙپي رهيا آهن 3 ڪلاڪ گذري چڪا آهن ا ڊاڪٽر ۽ عملو نه پهتو آهي اسان جي زخمين کي وقت سر طبي امداد نه ملڻ ڪري ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار ڊاڪٽر ۽ عملو هوندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.