اوٻاوڙو ۾ محمّد قاسم ملڪ جي بازيابي لاءِ وارثن جو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو  ۾ محمّد قاسم ملڪ جي بازيابي لاءِ  وارثن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

مظاهري ۾ شريڪ مغوي جي وارثن    محمّد موسي ملڪ , الاهي بخش ملڪ , نثار شيخ  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته چيو ته 18 ڏينهن  گذرڻ باوجود پوليس اسانجي مغوي بازياب ناهي ڪرائي سگهي اسين ايس ايس پي آفيس توڙي اوٻاوڙو ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون چونڊيل نمائندا به اسان جي مدد ڪرڻ لاء تيار ناهن ڏوهارين پاران مغوي محمّد قاسم جي بازيابي لاء اسان کان 30 لک روپيا ڀنگ گهري رهيا آهن اسين انتهائي غريب  ماڻهون آهيون پورهيو ڪري اسين پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪري رهيا آهيون حتجاج ڪندڙن اپيل وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ آئي جي سنڌ کان ته مغوي نوجوان محمّد قاسم ملڪ کي ڏاڙيلن جي چنبي مان جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسانجي گهر اندر ڦهليل بچيني کي ختم ڪرائي ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سومر ڏيهاڙي ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.