سامارو لڳ ڇتا شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا

سامارو لڳ ڇتا شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا

سامارو ۾  آبپاشي سب ڊويزن جي  65 ريگيوليٽر وٽان  مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ ڇتا مائينر جي مختلف واٽرڪورسن جي  آبادگارن سلطان خاصخيلي. قربان ڀٽي. ٻين جي اڳواڻي  ۾  مسلسل ڇتو مائينر کي خاص ڪري جمع جي ڏينھن تي آبادگارن کي پاڻي نه ڏيڻ خلاف  سامارو پريس ڪلب اڳيان مين روڊ ميرپورخاص تي نٽھڻ اس ۾  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو   آبادگارن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته اسان ڇتو مائنر تي جمع جي ڏينھن پاڻي وارن جا ننڍا  ڪلاڪن وارا آبادگار آھيون سامارو آبپاشي ايس ڊي او مولا  بخش  لغاري ۽ سندس عملو گذريل ڳچ  عرصي کان اسان جا  پاڻي وارا ماري ڪڏھن اٺاويھون  ته ڪڏھن اھو به گيج گھٽائي  پاڻي ڏئي ٿو  اسان جا  فصل ۽ گاهه ڀاڄيون سڪائي ختم ڪري  ڇڏيا آھن ھنن اعلي’ اختيارين کان  مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته سامارو سب ڊويزن آبپاشي جي ايس ڊي او ۽ سندس عملي کي فوري ھٽائي فرض شناس ايس ڊي او ۽ ٻيو عملو مقرر ڪري پاڻي جي وارا بندي ۾ منصفاڻي ورڇ ڪرائي اسان جون زمينون بنجر بنجڻ ۽ معاشي ڪنگالي کان بچايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.