سوشل ميڊيا ڪارنر

منظور چانڊيو جي پوسٽ

                             عمران خان جو هيرو سراج الدوله ڇا هو

عمران خان جو هيرو سراج الدوله هڪ نفسياتي مريض، بدڪار ۽ زاني حڪمران هو. هو پنهنجي زندگي ۾ لاتعداد عورتن سان همبستري ڪري چڪو هو. هن جي اقتدار جي پڄاڻي وقت محل مان 70 عورتن کي هڪ ٻيڙي ۾ ويهاري هگلي دريا ۾ لوڙهيو ويو. جئين سراج ۽ ان جي عياش حڪمران ٽولي جي ڪرتوتن کي لڪائي سگهجي.

سراج الدوله ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر مارجي ويو. هن جي لاش کي هاٿي جي پٺي تي ٻڌي مرشدآباد جي گهٽين ۾ گهمايو ويو.  هن جي خلاف بغاوت جا مک ڪارڻ سراج الدوله جي نااهلي، بدانتظامي ۽ عوام ۾ بک بدحالي هئي. انگريز سراج جي طاقت جي سامهون ڪجهه به نه هيا. سراج وٽ 50,000 فوجي جڏهن ته انگريزن وٽ صرف 2,000 فوجي هئا.  ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڇاڙتو رابرٽ ڪلائيوو هڪ شاطر ماڻهو هو. هن پلاسي جي ميدان ۾ جنگ جو طبل تڏهن وڄايو جڏهن ساوڻي جو وسڪارو ٿيڻ وارو هو. سراج الدوله عياشين ۾ ايترو گم هو جو اهو سمجهي نه سگهيو ته ڇا ٿي رهيو آهي.  هن ان وقت جي دنيا جي وڏي فوج کي گولا بارود سان گڏ پلاسي جي ميدان ۾ پهچڻ جو حڪم ڪيو.  سراج الدوله جي فوج جڏهن ميدان جنگ پهتي ته زبردست ساوڻي جو ميهن وسيو ۽ سراج الدوله جا سمورا گولا بارود پاڻي پوڻ ڪري پنهنجي آتشگيري حيثيت وڃائي ويٺا. ان کان پو۽ رابرٽ ڪلائيوو پنهنجي فوجين کي لڪايل گولا بارود ٻاهر ڪڍي هندستاني فوجين مٿان حملي جو حڪم ڪيو. ان وقت تائين مير جعفر رابرٽ ڪلائيوو سان نه مليو هو. پر هن جڏهن ڏٺو ته هندستاني بيوس آهن . گولا بارود کانسواءِ وڙهي نٿا سگهن ته پوءِ هن هٿيار ڦٽي ڪيا. عياش سراج الدوله کي جڏهن اها خبر پئي ته هن مقابلو ڪرڻ بجاءِ ڀڄي لڪڻ کي اوليت ڏني. آخر ڪار هو پڪڙجي پيو ۽ مارجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.