مهانگائي جي طوفان ۾ غريب کي رليف ڪير ڏيندو ؟

حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽرول جو اگهه 30 رپيا وڌائي عام ماڻهون کي ٻيهر ٻڌتر ۾ وجهي ڇڏيو آهي.خميس واري ڏينهن سرڪار جي اهڙي اعلان کانپوءِ سموري ملڪ جي ميڊيا تي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ بابت تبصرا تجزيا ۽ ڪاوڙ ڪئي پئي وڃي. موجوده سرڪار موجب  اڳوڻي حڪومت معاشي ميدان ۾ اهڙيون ته بارودي سرنگون وڇائي وئي هئي جن کي هٽائڻ به ضروري هو ۽ ان ۾ ڪيترائي ٻيا خطرا به موجود هئا.

اربع واري ڏينهن جڏهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پاران ملڪ ۾ مارچ ۽ ڌرڻو هنيو پئي ويو انهي ڏينهن پاڪستان جي ناڻي واري ٽيم دوحا ۾ عالمي مالياتي فنڊ سان قرضن جي قسط وٺڻ لاءِ حتمي  ڳالهيون ڪري رهي هئي. شروعاتي اطلاع اهي ئي پهتا هئا ته آءِ ايم ايف پنهجن شرطن تي عمل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان کي قرض ڏيڻ تي راضي نٿو ٿئي.

ناڻي واري وزير خميس جي ڏينهن ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ هڪ ئي ڀيري 30 رپيا واڌ جو اعلان ڪندي عالمي اداري جي شرطن کي پوري ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. گهڻ جماعتي سياسي اتحادي سرڪار هن کان اڳ ٽي ڀيرا يا وري 45 ڏينهن ۾ پيٽرول اگهن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو هو، جيڪا به هڪ سياسي چال هئي، جنهن جو مطلب موجوده سرڪار کي پاڻ اصل ڌڻين کان اها خاطري وٺڻي هئي  ته هنن کي باقي مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو.

هي ملڪ شروع کان وٺي ڪمائي گهٽ ٿو ۽ ان جو خرچ گهڻو آهي، اهو فرق برابر ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن ۽ ملڪن کان قرض وٺي گذر بسر ڪيو ويندو آهي،هاڻي به هي قدم هڪ وڌيڪ قرض ماڻڻ لاءِ کنيو ويو آهي، پيٽرول اهڙو اسم آهي جنهن جو سموري معيشت سان گهرو تعلق آهي، دنيا ۾ جڏهن به ٻارڻ يعني پيٽرول،ڊيزل ۽ ٻين اهڙين شين جو اگهه وڌيو آهي ته ان جو هڪدم عام واهپي جي شين تي اثر ٿيندو آهي.هن وقت به پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن وڌائڻ جو هڪ ٻن ڏينهن ۾ نتيجو ته ان ئي صورت ۾ نڪرڻو آهي. عام خلق جو چوڻ آهي ته  حڪومت آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ مهانگائي جي ماريل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيوآهي،پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ پيٽرول مصنوعات جون قيمتون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، ويجهي تاريخ ۾ هي  پهرين حڪومت آهي جنهن هڪ ئي وقت 30 رپيا في ليٽر تي پيٽرول مصنوعات ۾ اضافو ڪيو آهي.

ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ  هو ته اهو درست آهي ته آءِ ايم ايف جو مطالبو هو ته قرض جي قسط وٺڻ لاءِ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻيون پونديون، آءِ ايم ايف سان طئه ٿيل عمران خان ۽ شوڪت ترين جي فارمولي تحت ته ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 305 رپيا  ٿي وڃي ٿي پر ايتري قيمتن ۾ واڌ عوام لاءِ بهتر ناهي.هن چيو ته پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ جي بار کان غريب عوام کي تحفظ ڏينداسين،حڪومت جي هڪ سال 2 مهينن جي مدت ۾ معيشت کي مستحڪم ڪنداسين، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان مهانگائي وڌندي پر پيٽرول مهانگو نه ڪرڻ سان رپئي جي قدر ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي. ان سان به مهانگائي وڌي ٿي، هن چيو ته پيٽرول تي سبسڊي وڏي گاڏين وارا، ڪارخاني وارا به وٺي رهيا آهن اهو انصاف نه آهي ته غريبن کان پيسا وٺي اهي پيسا سبسڊي جي مد ۾ اميرن جي کيسي ۾ وڌا وڃن.هن چيو ته  پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جو انتهائي مشڪل ۽ سخت فيصلو هو.

اهو ته هو سرڪار جي وزير جو اعلان ، انگن اکرن سان عام ماڻهون کي معيشيت جي هن ڏکئي مضمون بابت سولائي  سان سمجهاڻي پر وري به عوام جو ته اهو ئي سوال رهي ٿو ته هن جي مهانگائي مان جان آجي ڪيئن ٿيندي ؟

رمضان دوران ڪيل مهانگائيءَ ۾ ڪا به ڪمي نه ٿي آهي، مٿان وري ان ۾ واپاري برادري پنهنجي مرضيءَ موجب هر اسم جي اگهن ۾ اضافو ڪندي رهندي آهي،جنهن جو ڪنهن به سطح تي سرڪاري طور اهڙو بندوبست نه ڪيو ويو آهي.جنهن سان ان کي روڪي سگهجي. هن وقت اهڙا اشارا ملن پيا ته شايد ڪڻڪ يا اٽي جي کوٽ پيدا ٿئي، هڪ اڳي ئي اٽي جي قيمت وڌي وئي آهي، بجلي جو بحران پنهنجي جاءِ تي موجوده آهي،سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه پئي ٿئي نتيجي ۾ ان جو اثر ايندڙ زرعي اپت تي پوندو ان سان سنڌ خاص ڪري ٻهراڙي جو ماڻهون معاشي طور تي ڪمزور ٿي ويندو. هن وقت به سرڪاري انگن اکرن موجب سموري ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي،گذريل مهيني جي ٻئي هفتي ۾ سرڪار انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي گڏيل شرح 15.85 سيڪڙو ٿي وئي هئي.

هاڻي عوام سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته ڇا موجوده سرڪار وٽ به ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي ڪابه جوڳي پاليسي نه آهي، جنهنڪري اڳي ماڻهون اڳوڻي سرڪار تي ڪاوڙيل هئا هاڻي وري هاڻوڪي حڪومت کان بيزار نظر اچن پيا.

هڪ غريب ۽ عام ماڻهونءَ جو اصل مسئلو ئي پنهجي حياتي جي گاڏي کي هلائڻ آهي،سموري ملڪ ۾ ڪافي وقت کان ٿيندڙ مهانگائي جي ڪري هڪ عام غريب ماڻهون جو ته گذارو ممڪن ئي نه آهي، پر وچولي طبقي جي ماڻهون جي لاءِ به عزت سان زندگيءَ جي معاملن کي هلائڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي.

هي سرڪار جيڪا عالمي اداري جي شرطن بابت ٻڌائي ۽ عوام کي وڌندڙ مهانگائي تي ٿڌي ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪري رهي آهي ڇا ڀلا اهو سرڪار جو فرض نٿو ٿئي ته اها عوام جي لاءِ ڪو اهڙو رليف جو پروگرام تيار ڪري ته جيئن هاڻوڪين قيمتن ۽ اگهن ۾ ٿيل اضافي واري ٻوجهه کان عوام جي ڪجهه بچت ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.