ملڪ جو دفاع ايئن ڪبو آهي، شاباس بلاول !

علي احمد ڍلون

اسان پاڻ ۾ اختلافن جي ڪري دنيا ۾ مشهور قوم آهيون، بلڪه ”هجوم“ چئجي ته بهتر ٿيندو. هتي اسان نه رڳو  سينو  کولي روئيندي نطر اچون ٿا بلڪه  ٻين کي به پنهنجي ملڪ ۾ مداخلت جي کليل دعوت ڏيندا رهون ٿا.تازي سياسي ڇڪتاڻ تي نظر وجهو. لنڊن ۾ هر روز سياسي مخالف هڪ ٻئي جي گهرن  ٻاهر  سياسي نعرا هڻي رهيا آهن، مان هن وقت نيويارڪ ۾آيل آهيان، هتي به پاڪستاني سياسي مخالف هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ  جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا، اسان کي ڪو  سمجهائي ته  دليل سان ڪيل ڳالهه ۾ ئي اثر ٿئي ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪا ۽ چين جي دوري کي قومي حلقن پاران ساراهيو پيو وڃي. پرڏيهي وزير طور هي سندس پهريون دورو آهي. هن کان اڳ هو ڪنهن به سرڪاري عهدي تي نه رهيو آهي، پر پوءِ به هن دوري تي ۾ هن جنهن پختگي  جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو ساراهه جوڳو آهي.

هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري جو دفاع ڪندي چيو ته ان وقت روس جو دورو قومي پاليسي هئي، يوڪرين ۾ جنگ جو ڪو به امڪان نه هو. وزير اعظم جي روس ۾ پهچڻ بعد  جنگ شروع ٿي، تنهنڪري ان کي رد ڪرڻ ممڪن نه هو.

وڏي ڳالهه هي اهي ته  بلاول ڀٽو زرداري سياسي مخالفت کي پاسيرو  رکي قومي پاليسي جو دفاع ڪيو. ماضيءَ ۾ اسان جا اڳوڻا وزيراعظم پرڏيهي دورن ۾  پاڪستان ۾ سياسي شخصيتن جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو ذڪر ڪندا رهيا آهن جنهن سان ملڪ  بدنامٿئي ٿو.انهن معاملن کي ملڪ جي اندر ئي رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر رهندو.

بهرحال بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير طور موجوده حڪومت جي شروعاتي 50 ڏينهن ۾اهو بهترين ڪم ڪيو آهي، چاهي اها زرداري جي چال هجي يا ٻيو ڪجهه، پر هن صحيح وقت تي بلاول  کي ميدان ۾ لاٿو آهي جئين تربيت ۽ تجربو به حاصل ٿئي.

جيڪو مستقبل کي فائدو ڏيندو. بلاول جا آمريڪا جڙندڙ لڳاپا يقينن مستقبل ۾ پاڪستان  کي فائدو ڏيندا. جيئن آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن نئين پرڏيهي وزير کي 50 منٽن جو ڊگهو فون ڪيو هو.اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته بلاول نئين نسل جي اميد هوندو.روايتي سياستدانن جيان ڪرپٽ نه هوندو.

بلاول لاءِ  ايندڙ ڏينهن ۾ گلن جي سيج نه هوندي ڇاڪاڻ ته هن لاءِ وڏو چئلينج آمريڪا ۽ چين کي گڏ کڻي هلڻ  هوندو. ۽ بلاول لاءِ اهو ضروري آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جي خواهش جي باوجود پاڪستان، چين کي ڪو به غلط سگنل ڏيڻ جي حق ۾ نه هجي  ڇو ته هن وقت آمريڪي پاليسي جو مقصد چين ۽ روس کي نشانو بڻائڻ آهي. جنهن جي حمايت اسلام آباد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

ٻيو چئلينج ڀارت سان لاڳاپن جو بنياد بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀارت خطي ۾ آمريڪا جو اهم ساٿي آهي ۽ واشنگٽن اسلام آباد ۽ نئين دهلي جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي ڏسڻ چاهيندو، ان لاءِ ڀارت کي پاڪستان سان لاڳاپن بهتر ڪرڻ توڙي واپار جي تجويز ڏني ويندي. ان کان علاوه آمريڪا جي ڌر  بلاول ڀٽو زرداري کي ڪجهه ڳالهيون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا جن جي قبول ڪرڻ سان مستقبل ۾ آمريڪي مفاد پورا ٿين. ڇو ته آمريڪن جو اهو ئي طريقو آهي، جڏهن هڪ مطالبو پورو ٿيندو ته اهو ٻيو اڳيان رکندا. پوءِ ڊو مور هميشه هلندو رهي ٿو.

افغانستان جي صورت ۾ هڪ ٻيو وڏو چيلينج آهي، جتي دنيا جا ناپسنديده  حڪمران ويٺا آهن، بلاول کي طالبان ۽ وڏين طاقتن  وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۽ ان جي بدلي ۾ کيس پهرين پاڪستان جي مفادن جو خيال رکڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته آمريڪا افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو تعاون ۽ سهڪار چاهي ٿو. ان ڪري ان سلسلي ۾ پاڪستان مرڪزي ڪردار ادا ڪري آسان شرطن تي قرض حاصل ڪري سگهي ٿو.

ان کان علاوه هڪ ٻيو اهم مسئلو جيڪو مستقبل ۾ بلاول لاءِ سامهون ايندو، اهو آهي FATF جا شرط پورا ڪرڻ. ۽ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ . ان لاءِ مضبوط لابنگ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسلام آباد اڄ ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف جي خاطر آمريڪي پاليسي اختيار ڪئي ته مستقبل ۾ ان جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ۽ پوءِ آمريڪا جا مطالبا ان حد تائين وڌي سگهن ٿا جو هڪ ڏينهن پاڪستان کي چيو ويندو ته هو جوهري قوت جي  عدم ڦهلاءَ  واري معاهدي (NPT) تي دستخط ڪري  جنهن مطابق توهان کي سڀ ڪجهه آمريڪا حوالي ڪرڻو پوندو.

بهرحال، اهو چيو ويندو آهي ته  آمريڪن  تمام وڏي رٿابندي ڪندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري کي ايتري اهميت ڏيڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ ان جو سادو جواب آهي ته بلاول ڀٽو زرداري به هڪ ڊگهي سياسي اننگ کيڏڻ جي لائق آهي.

هو ايندڙ ٽن چئن ڏهاڪن تائين پاڪستان جي سياست تي راڄ ڪري سگهي ٿو. اسان جي اڪثر قيادت هن وقت 70 جي عمر  ۾ آهي. ان بعد هڪ خال آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري کي ننڍي عمر ۾ وڏي پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. اها آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت آهي، جو هن  بلاول ڀٽو زرداري کي اڳتي وڌايو آهي۽ هاڻي بلاول لاءِ ميدان به صاف آهي ۽ مخالف رانديگر ايترو اثرائتو نه آهن.  سو ان  ميدان ۾ اچ ۽ ملڪي مفاد لاءِ اهڙا ڪم ڪر ،جو  عوام خوشيءَ سان توهان کي قومي ليڊر تسليم ڪري ۽ پاڪستان کي به هڪ بهترين قيادت ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.