تيل جون وڌايل قيمتون واپس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي: اي جي پي

حيدرآباد ( پ ر ) عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان هڪ ئي ڌڪ ۾ پئٽرول جون  قهاري قيمتون وڌائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته تيل جون وڌايل قيمتون فورن واپس وٺي اٽي کي ٻيهر سستو ڪيو وڃي. اي جي پي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه اليڪشن سيل جي انچارج ڪرم حسين وساڻ. سيڪريٽري جنرل خادم ٽالپر مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر اسلم پرويز. ايدوڪيٽ اياز چانڊيو.نور نبي راهوجو. حريف چانڊيو لال محمد چانڊيو. پروفيسر امير گل ڪٽوهر. ڀائو در محمد ٻرڙو. سنڌي عورت تنظيم جي صدر شهزادي ڀرڳڙي ادي نظير قريشي سعيده گوپانگ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي هر قسم جو رليف ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. پر هي ته نيازي حڪومت کان به چڙهي ويا آهن جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ئي هلڻو آهي ته پوءِ هنن جو اسان تي حڪمراني ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي. پئٽرول ۾ 30 رپين جو اضافو پوري معيشت تي ناڪاري اثر وجهندو ان سان ڀاڄيون ميوا ۽ گاڏين جا ڀاڙا ٽيڻ تي وڌي ويندا ۽ اهو بار عوام جي برداشت کان ٻاهر آهي. اڄوڪي صورتحال ۾ عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي بجلي گئس جا بل به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن مٿان وري اٽو مهانگو ڪري عوام کي مارڻ جو مڪمل پلان تيار ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.