جيڪب آباد لڳ روڊ حادثو، عورت فوت، 3 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ڀرسان مولا داد ٿاڻي جي حد غفار لاڙي وٽ موٽرسائيڪل ۽ گڏھ گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي۾عورت وڏيري آک خان محمد مغيري ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته خان محمد مغيري، ستن سالن جي فلڪ ۽ اٺن سالن جو سعيد مغيري سخت زخمي  ٿي پيا. اطلاع تي حد جي پوليس پھچي  لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتڻ جي ڀاءُ محمد نواز ٻڌايو ته ھن جي ڀيڻ ۽ ڀيڻيويو ڳوٺ ڇڄڙا کان ڊيرا مراد جمالي بلوچستان وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.